ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سينيئر سياستدان ۽ پي ٽي آئي جي رهنما مخدوم جاويد هاشمي جي پمز اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي.
اسلام آباد؛ 26 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي سربراهي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سينيئر سياستدان ۽ پي ٽي آئي جي رهنما مخدوم جاويد هاشمي جي پمز اسپتال وڃي ڪري عيادت ڪئي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان انهن جي خيريت دريافت ڪئي. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، امين الحق، ميان عتيق، بابر غوري ۽ ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر حاجي عتيق عباسي به موجود هو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جاويد هاشمي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ به ڪئي.ان موقعي تي مخدوم جاويد هاشمي جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ انهن دعا به ڪئي.