حيدرآباد ۾ ٻن عمارتن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 2 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين حيدرآباد ۾ ميمڻ اسپتال جي ويجهو ٻن عمارتن جي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ان اچانڪ حادثي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.