Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارا ضد تي اڙيل رهيا ۽ ڪوئي حل نه ڪڍيو ويو ته وڏو خون خرابو نظر اچي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 8/26/2014
جيڪڏهن حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارا ضد تي اڙيل رهيا ۽ ڪوئي حل نه ڪڍيو ويو ته وڏو خون خرابو نظر اچي رهيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ملڪ کي هن وقت خون خرابي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي قرباني ڏيڻي پوندي اهو وقت انا جي قرباني ڏيڻ جو وقت آهي.جناب الطاف حسين.
هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو.
لنڊن؛ 26 آگسٽ 2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪڏهن ملڪ جو موجوده سياسي بحران جلد کان جلد افهام و تفهيم سان حل نه ڪيو ويو ۽ حڪومت ضد تي اڙيل رهي ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارا به اڙيل رهيا ۽ ڪوئي حل نه نڪتو ته مون کي وڏو خون خرابو نظر اچي رهيو آهي، ملڪ کي ان خون خرابي کان بچائڻ جي لاءِ حڪومت کي قرباني ڏيڻي پوندي.ايم ڪيو ايم وٽ 25 سيٽون آهن ايم ڪيو ايم ملڪ کي ان بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ انهن 25 سيٽن جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن سومر جي رات هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو.انهن فرمايو ته ملڪي سياست جي لاءِ آئنده 72 ڪلاڪ انتهائي اهم آهن، منهنجي دعا آهي ته الله تعالٰي پاڪستان کي خون خرابي کان بچائي، عوام کي گهرجي ته اهي ان دوران محتاط رهن، انهن فرمايو ته مان ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ايم اين ايز کي انهي ڪري اسلام آباد موڪليو آهي ته اهي اتي رهي ڪري تمام سياسي جماعتن جي رهنمائن سان ملاقاتون ڪن ۽ جهولي ڦيلائي ڪري انهن کان پاڪستان جي سلامتي جي نالي
تي اپيلون ڪن ته جيئن ڪنهن به طرح ملڪ بحران کان نڪري سگهي،انهن فرمايو ته حڪومتون اهم نه بلڪه ملڪَ اهم هوندا آهن، ملآساني ٽٽي ويندا آهن پر انهن کي بڻائڻ جي لاءِ سالن جي جدوجهد ۽ قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ان جي ڪري ٻئي ڌريون گڏجي ويهن ۽ پاڻ ۾ لچڪ پيدا ڪن.انهن فرمايو ته مان ايندڙ ڏينهن ۾ ڪوئي غيرآئيني اقدام ٿيندي ڏسي رهيو آهيان جيڪو آئيني ڇٽي جي هيٺان ئي ٿيندو.انهن فرمايو ته اهو ممڪنه غيرآئيني اقدام اهڙي طرح ئي آئيني هوندو جيئن آرٽيڪل 245 جو نفاذ آئيني آهي، جيئن پي پي او جو نفاذ آئيني آهي.انهن فرمايو ته ڊاڪٽر طاهر القادري جا مطالبا جائز آهن ۽ مان ملڪ جي بهتري جي لاءِ انهن مطالبن جي حمايت ڪريان ٿو، انهن مان ٻه ٽي چڏي ڪري  سڀ قابل عمل آهن. انهن فرمايو ته اسيمبلي جي ختم ڪرڻ کان سواءِ به مسئلي جو حل ڪڍي سگهجي ٿو.جيڪڏهن وزير اعظم جو استعيفٰي گهرجي ته 30 ڏينهن جي لاءِ استعيفٰي هڪ مذاق آهي، جيڪڏهن استعيفٰي وٺڻو آهي ته مستقل حل ڪڍيو وڃي.انهن ڊاڪٽر طاهر القادري کي وڏي ادب سان گذارش ڪئي ته اهي ريڊ زون ۾ اهم سرڪاري عمارتن ۽ سفارتخانن ڏانهن وڌڻ کان پاسو ڪن ڇو ته ان سان صورتحال وڌيڪ خراب ٿيندي.
*

7/18/2024 2:36:09 AM