Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ جي موجوده خطرناڪ صورتحال، ملڪ جو نظام ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي اسان کان پنهنجي ذاتي انا ۽ شخصيتن جي قربانين جو تقاضا ڪن ٿيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/1/2014 1
ملڪ جي موجوده خطرناڪ صورتحال، ملڪ جو نظام ۽ ملڪ جي بقا و سلامتي اسان کان پنهنجي ذاتي انا ۽ شخصيتن جي قربانين جو تقاضا ڪن ٿيون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
هن وقت ملڪ جي استحڪام کي سخت خطرا لاڳو آهن، ملڪ معاشي تباهي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي. جناب الطاف حسين.
جناب الطاف حسين جي شاھ محمود قريشي سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
شاھ محمود قريشي جناب الطاف حسين جي طرفان پوليس جي وحشياڻي تشدد جي خلاف سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهائڻ تي عمران خان ، پارٽي جي تمام قائدين ۽ ڪارڪنن جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو.
لنڊن؛ پهرين سيپٽمبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته اڄ پاڪستان جنهن خطرناڪ صورتحال کان گذري رهيو آهي ان کي ڏسندي ملڪ ۾ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني وڏي ڳڻتي ۽ بيچيني ۾ مبتلا آهن.ملڪ جي ان صورتحال جو تقاضا آهي ته اڄ الطاف حسين جي ذات هجي، عمران خان جي ذات هجي، ڊاڪٽر طاهر القادري جي ذات هجي يا وزير اعظم ميان نواز شريف جي ذات هجي سڀني کي پنهنجي ذات ۽ انا  کي هڪ پاسي رکي ڪري آئين، جمهوريت ۽ ادارن جي تقدس کي بچائڻ جي لاءِ وڏين وڏين قربانين ڏيڻ کان به ڪيٻائڻ نه گهرجي.انهن فرمايو ته شخصيتون اچڻ وڃڻ واريون شيون آهن پر ملڪ ۽ نظام موجود رهندا آهن، جناب الطاف حسين انهن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاھ محمود قريشي سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمايو.شاھ محمود قريشي جناب الطاف حسين کي فون ڪري تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن، امڙين، ڀينرن، ٻارڙن ۽ نوجوانن تي پوليس جي وحشياڻي تشدد جي خلاف سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهائڻ ۽ متاثرن سان همدردي ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي پي ٽي آئي جي سربراھ عمران خان ۽ پارٽي جي تمام قائدين ۽ ڪارڪنن جي طرفان انهن جو شڪريو ادا ڪيو. جناب الطاف حسين شاھ محمود قريشي سان اسلام آباد واقعي ۾ انهن جي ڪارڪنن جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.ڳالھ ٻولھ جي دوران ملڪ جي موجوده صورتحال تي اظهار خيال ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت ملڪ جي استحڪام کي سخت خطرا لاحق آهن، ملڪ معاشي تباهي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسندو پيو وڃي.جمهوري نظام ايستائين جو ادارن جي تقدس کي به خطرا لاحق آهن. ملڪ جي موجوده صورتحال ، ملڪ جو نظام ۽ ملڪ جي سلامتي اسان کان پنهنجي ذاتي انا ۽ شخصيتن جي قربانين جو تقاضا ڪن ٿيون.اسان  کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته جمهوريت هجي يا ٻيو ڪوئي به نظام هجي، آئين هجي يا قانون هجي انهن جو وجود تڏهن ئي رهندو آهي جڏهن ملڪ موجود هوندو آهي ، يعني جيڪڏهن خدانخواسته ملڪ ئي نه رهندو ته ڪهڙو آئين، ڪهڙو قانون، ڪهڙي جمهوريت يا پوءِ ڪهڙو نظام.ان جي ڪري موجوده صورتحال جو تقاضا آهي ته ملڪ جي استحڪام، جمهوريت جي بقا ۽ ادارن جي تقدس جي لاءِ شخصيتن ۽ انا کي قربان ڪري چڏجي. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي سڀني کي فهم و فراست ۽ جرت عطا ڪري اسان سڀ معاملن جي حل جي لاءِ افهام و تفهيم سان ڪم وٺون.فوري طور تي بامقصد ڳالهين جو آغاز ڪريون. ان سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم غير مشروط طور تي پنهنجي تعاون جي پيشڪش ڪري ٿي.شاھ محمود قريشي جناب الطاف حسين جي خيالن سان اتفاق ڪيو ۽ چيو ته اوهان ان ڏکئي وقت ۾ متاثرن جي سار سنڀال لڌي ۽ زخمين جي جلد
و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعائون به ڪندا رهيو ۽ ظلم جي مذمت به ڪندا رهيو ان تي مان پنهنجي طرفان، عمران خان جي طرفان ۽ پوري پارٽي جي طرفان اوهان جو دل سان ٿورو مڃان ٿو. شاھ محمود قريشي جناب الطاف حسين کي وڌيڪ چيو ته اوهان جلاوطني ۾ رهندي ملڪ کي موجوده صورتحال کان ٻاهر ڪڍڻ جي لاءِ جرت ۽ همت سان جيڪو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهيو ۽ ان جي حل جي لاءِ به نيون نيون تجويزون پيش ڪندا رهيا آهيو ان تي هڪ هڪ پاڪستاني اوهان کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. شاھ محمود قريشي جناب الطاف حسين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ملڪ ۾ هن وقت ڊيڊ لاڪ جي صورتحال آهي، هن وقت قوم جون نظرون اوهان تي لڳل آهن،هن وقت ملڪ کي اوهان جهڙن رهنمائن جي بصيرت ۽ دانشمندانه مشوري جي سخت ضرورت آهي، اوهان ملڪ کي موجوده صورتحال کان ڪڍڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيو، الله تعالٰي اوهان جي ڪوششن کي قبول فرمائي.انهن جناب الطاف حسين کي چيو ته اوهان جن خيالن جو اظهار ڪيو آهي مان اميد ڪريان ٿو ته ان سان ملڪ ۾ بهتري ايندي. شاھ محمود قريشي وڌيڪ چيو ته هن وقت تمام جماعتن جي وچ ۾ فاصلا گهٽ هجڻ گهرجن ۽ انهن جي وچ ۾ احترام جو رشتو به هجڻ گهرجي.


7/18/2024 2:18:13 AM