جناب الطاف حسين جي طرفان بم ڌماڪي ۾ معذور ٿيندڙ سيد محمد اويس عابدي کي اليڪٽرونڪ وهيل چيئر جو عطيو ڏنو ويو.
سيد محمد اويس کي وهيل چيئر جو اهو عطيو ايم ڪيو ايم جي ميمبرن حيدر عباس رضوي ۽ احمد سليم صديقي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پيش ڪيو.
ڪراچي؛ 2 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي 4 مئي 2013 تي مور پارڪ عزير آباد جي ويجهو بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ پيرن کان معذور ٿيندڙ 17 ساله سيد محمد اويس عابدي کي ايم ڪيو ايم جي ڊس ايبل پرسن ونگ جي طرفان اليڪٽرونڪ وهيل چيئر جو تحفو عطيه ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ غير رسمي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سيد حيدر عباس رضوي ۽ احمد سليم صديقي سان گڏجي پي ڊبليو ڊي ونگ جي انچارج عدنان سرور قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان سيد محمد اويس کي وهيل چيئر جو تحفو پيش ڪيو ۽ انهن کي مبارڪباد به پيش ڪئي.وهيل چيئر جو تحفو ملڻ تي محمد ادريس قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن جي حق ۾ دعائون به ڪيون.ان موقعي تي شعبه خواتين جي انچارج ڪشور زهرٰي ۽ ٻيا به موجوده هئا.