جميعت علماء اسلام جي مرڪزي نائب صدر حافظ حسين احمد جي والد جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 28 آگسٽ 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جميعت علماء اسلام جي مرڪزي نائب صدر حافظ حسين احمد جي والد جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي . پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين حافظ حسين احمد سميت مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.