Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسٽيج ،ريڊيو ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار مقصود حسن جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 9/4/2014 1
اسٽيج ،ريڊيو ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار مقصود حسن جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
مقصود حسن مرحوم نون اداڪارن جي لاءِ هڪ اداري جو درجو رکندا هئا.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪراچي سان تعلق رکندڙ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار مقصود حسن جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ان کي ملڪ جي ڊرامه انڊسٽري جو هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مقصود حسن نون ايندڙ اداڪارن جي لاءِ  هڪ اداري جي حيثيت رکندا هئا ۽ انهن جي وفات سان ملڪ جي ڊرامه انڊسٽري ۾ جيڪو خلا پيدا ٿيو آهي ان کي ڪڏهن به پُر ڪري نه ٿو سگهجي.جناب الطاف حسين مقصود حسن مرحوم جي سوگوار پونئرن سان ۽ شوبز جي دنيا سان تعلق رکندڙ تمام اداڪارن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحوم جا درجات بلند فرمائي ۽ انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****

7/18/2024 1:32:18 AM