Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رابطا ڪميٽي سينيٽر عبدالحسيب خان کي تنظيمي ذميوارين ۽ ٻين ذميوارين کان مسلسل غفلت اختيار ڪرڻ تي تنظيمي رڪنيت کان معطل ڪري چڏيو.


 Posted on: 9/4/2014 1
رابطا ڪميٽي سينيٽر عبدالحسيب خان کي تنظيمي ذميوارين ۽ ٻين ذميوارين کان مسلسل غفلت اختيار ڪرڻ تي تنظيمي رڪنيت کان معطل ڪري چڏيو.
رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر ناصر جمال جون ذميواريون رابطا ڪميٽي کان واپس وٺي ڪري شعبه اطلاعات جي نيوز ڪميٽي ۾ منتقل ڪيون ويون آهن.
جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ٻنهي فيصلن جي توثيق ڪري چڏي.
لنڊن؛ 4 سيپٽمبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سينيٽر عبدالحسيب خان کي تنظيمي ذميوارين ۽ ٻين ذميوارين ۾ مسلسل غفلت اختيار ڪرڻ ۽ انهن ۾ ڪوتاهي يا دير ڪرڻ تي انهن کي ڪيترائي دفعا پنهنجين ذميوارين جو احساس ڏياريو پر انهن پنهنجي رويي ۾ ڪائي به تبديلي نه آندي جنهن سان پارٽي کي وڏو نقصان پهتو.رابطا ڪميٽي پنهنجي هڪ هنگامي اجلاس ۾ انهن جي ڪارڪردگي تي غور ڪرڻ کان پوءِ انهن کي تنظيمي رڪنيت کان معطل ڪري چڏيو آهي. ان دوران نه ته اهي سينيٽ جو اجلاس اٽينڊ ڪري سگهندا ۽ نه ئي  سينيٽ ڪميٽي جي ڪنهن اجلاس ۾ شريڪ ٿي سگهندا .ان کان علاوه رابطا ڪميٽي جي سابق ميمبر ناصر جمال جون ذميواريون رابطا ڪميٽي کان وٺي ڪري شعبه اطلاعات جي نيوز ڪميٽي ۾ منتقل ڪيون ويون آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي انهن ٻنهي فيصلن جي توثيق ڪري چڏي آهي.


7/18/2024 1:33:45 AM