ملڪ جي نامور گلوڪار حبيب محمد ولي جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
حبيب محمد ولي تربيتي اداري جي حيثيت رکندا هئا، گلوڪاري جي دنيا ۾ انهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 4 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ملڪ جي نامور گلوڪار حبيب محمد ولي جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. جناب الطاف حسين حبيب محمد ولي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي فرمايو ته مرحوم ريڊيو۽ ٽيليويزن تي ملي نغما ڳايا ۽ ڪجھه فلمن ۾ پنهنجي گلوڪاري جا جوهر به ڏيکاريا ۽ اهي نون گلوڪارن جي لاءِ تربيتي اداري جي حيثيت رکندا هئا، گلوڪاري جي دنيا ۾ انهن جي خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندو.جناب الطاف حسين مرحوم حبيب محمد ولي جي پونئرن، شوبز جي دنيا سان تعلق رکڻ وارين شخصيتن ۽ تمام سوگوارن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي حبيب محمد ولي مرحوم جا درجات بلند فرمائي، انهن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.
****