Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائينڊنگ، سيلاب ۽ مختلف حادثن جي نتيجي ۾ وڏي جاني و مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 9/5/2014 1
پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائينڊنگ، سيلاب ۽ مختلف حادثن جي نتيجي ۾ وڏي جاني و مالي نقصان ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 5 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۽ آزاد ڪشمير ۾ طوفاني برساتن، لينڊ سلائيڊنگ، سيلاب ۽ ٻين حادثن ۾درجنين ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ ۽ قيمتي ملڪيتن جي نقصان ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. انهن فرمايو ته ايتري وڏي تعداد ۾ ماڻهن جون هلاڪتون ۽ ملڪيتن جو نقصان ٿيڻ هڪ سانحو آهي جنهن تي جيترو به افسوس ڪيو وڃي اهو گهٽ آهي.انهن وفاقي حڪومت، پنجاب حڪومت ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ان تباهي سان متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي نقصانن جي ازالي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن ۽ سيلاب زده ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم ۽ ان جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي ذميوارن کي چيو ته اهي پنهنجي طاقت جي مطابق متاثره ماڻهن جي مدد ڪن. انهن هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪنَ اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن.


7/18/2024 1:30:00 AM