ايم ڪيو ايم پي ڊبليو ڊي ونگ جي انچارج ۽ ميمبرن بلديه عظمٰي ڪراچي جي طرفان خصوصي ماڻهن جي لاءِ پيڊسٽرين برج جي تعمير جو خير مقدم ڪيو.
ڪراچي؛ 5 سيپٽمبر؛2014
متحده قومي موومينٽ جي شعبي خصوصي ماڻهن جي انچارج عدنان سرور،ايڊوائيزر نورالدين ۽ ٻين بلديه عظمٰي ڪراچي جي طرفان خصوصي ماڻهن جي لاءِ پيڊسٽرين برج ٺاهڻ جي اعلان جو خير مقدم ڪيو آهي.انهن چيو ته خصوصي ماڻهن کي تمام سهولتن کان پري رکيو وڃي ٿو ۽ انهن کي بنيادي حقن کان به محروم رکيو وڃي ٿو.انهن چيو ته ٻين ملڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي لاءِ تمام هنڌن تي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ نظام وضع ڪيو وڃي ٿو پر جڏهن ته پاڪستان اهي سهولتون فراهم ڪيون نه ٿيون وڃن.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عام ۽ سرڪاري هنڌن تي خصوصي ماڻهن جي لاءِ بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪمَ جاري ڪري ته جيئن خصوصي ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ ڪمي اچي سگهي.