Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الله تعالٰي ، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ پاڪستان جي سلامتي جي نالي تي ڌرڻا فورن عارضي طور تي ملتوي ڪيا وڃن.جناب الطاف حسين جي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل.


 Posted on: 9/6/2014 1
الله تعالٰي ، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ پاڪستان جي  سلامتي جي نالي تي ڌرڻا فورن عارضي طور تي ملتوي ڪيا وڃن.جناب الطاف حسين جي ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپيل.
طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ڌرڻڻ جي ٻيهر  شروعات ڪري سگهجي ٿي.
خدا خير ڪري جيڪڏهن پاڪستان ئي نه رهيو ته ڇا ان کان پوءِ توهان جاڳندو؟سياستدانن، سياسي و مذهبي جماعتن ، دانشورن، ليکڪن، اينڪر پرسنن ۽ سياسي تجزيه نگارن کي جناب الطاف حسين جي اپيل.
لنڊن؛ 6 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي انتهائي سخت ۽ سنجيده بيان ۾ پاڪستان جي سڀني سياستدانن، سياسي و مذهبي جماعتن، دانشورن، ليکڪن، اينڪر پرسنن، سياسي تجزيه نگارن ۽ ٽي وي تي ويهي ڪري سياسي ٻٽاڪون هڻڻ وارن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته خدا خير ڪري جيڪڏهن پاڪستان ئي نه رهيو ته ڇا ان کان پوءِ توهان جاڳندو؟ انهن فرمايو ته هڪ طرف ته اتر وزيرستان ۾ پاڪ فوج سخت جنگ وڙهي رهي آهي ته ٻئي طرف لکين آئي ڊي پيز جي سار سنڀال، انهن جي علاج معالجي ،کائڻ پيئڻ ۽ زندگي جي ٻين ضروري شين جي بندوبست ڪرڻ جو اضافي بار به فوج تي ئي اچي پيو آهي. ٽئين طرف پورو ملڪ طوفاني برساتن ۽ تباھ ڪن سيلاب جي نظر ٿي رهيوآهي.مالي نقصانن سان گڏو گڏ انساني جانين جو نقصان به ٿي رهيو آهي جنهن ۾ اڪثريت معصوم ۽ کير پيئندڙ ٻارڙن جي آهي. چوٿين طرف ملڪ ۾ جڳھ جڳھ تي ٻه سياسي جماعتون ۽ انهن جون اتحادي جماعتون ڪيترن ئي ڏينهن کان ڌرڻا ڏنيون ويٺيون آهن ۽ پنهنجا مطالبا پورا نه ٿيڻ تائين ختم نه ڪرڻ جو عهد ڪيون ويٺيون آهن. پنجين طرف ملڪ معاشي لحاظ کان تباهي جي نه ختم ٿيڻ واري رستي ڏانهن گامزن آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان ملڪ ۾ طوفاني برساتن، سيلاب ۽ نازڪ صورتحال تي نظر رکندي گذريل ڏينهن ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي انتهائي دردمندانه اپيل ڪئي هئي ته ڌرڻڻ جي سلسلي کي عارضي طور تي فورن روڪيو وڃي ۽ برساتون  ۽ سيلاب ختم ٿيڻ تي ڌرڻا ٻيهر شروع ڪري سگهجن ٿا پر مون کي افسوس آهي ته منهنجي ان دردمندانه اپيل تي ڪنهن به توجه نه ڏني.جيڪڏهن ملڪ ۾ بي حسي، خودغرضي ۽ مفادن جي سوچ جو عالم اهو ئي رهيو ته پاڪستان کي تباھ و برباد ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن دشمن جي قطعي طور تي ڪا به ضرورت نه رهندي.جناب الطاف حسين فرمايو ته مان اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرڻا ڏيڻ وارين جماعتن کي الله تعالٰي، نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ۽ پاڪستان جي سلامتي جي نالي تي اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي طوفاني برساتن، سيلاب ۽ نازڪ صورتحال کي سامهون رکندي پنهنجن ڌرڻڻ کي عارضي طور تي ملتوي ڪري چڏين ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي طوفاني برساتن، سيلاب متاثرين ۽ آئي ڊي پيز جي امداد ڪرڻ جي هدايت ڪن.جناب الطاف حسين حڪومت کي به اپيل ڪئي ته اها به تمام تر توجه طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي شڪار عوام جي جان و مال تي توجه ڏي ۽ انهن جي سار سنڀال لهي.انهن هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت کان مطالبو ڪيو ته مخالف سياسي جماعتن جي تمام گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي جن کي سياسي بنيادن تي گرفتار ڪيو ويو آهي انهن کي فوري طور تي ۽ غيرمشروط طور تي رها ڪيو وڃي.
 

7/18/2024 1:30:01 AM