Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

طوفاني برساتن، سيلاب ۽ قدرتي آفتن جي ڪري آزادي ۽ انقلاب مارچ جا ڌرڻا فوري طور تي ملتوي ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.


 Posted on: 9/5/2014 1
طوفاني برساتن، سيلاب ۽ قدرتي آفتن جي ڪري آزادي ۽ انقلاب مارچ جا ڌرڻا فوري طور تي ملتوي ڪيا وڃن.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
طوفاني برساتن ۽ سخت ترين سيلابي ريلن جي ڪري ملڪ قدرتي آفتن جو شڪار ٿي ويو آهي.
حڪومت ۽ اپوزيشن سميت تمام جماعتون سيلاب زدگان جي امداد جي لاءِ متحد ٿي ڪري جدوجهد ڪن.
فوج ئي اهو واحد ادارو آهي جنهن جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ سيلاب زدگان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهن.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛5 سيپٽمبر؛2014
         متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ فرمايو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انسان کي پنهنجن ذاتي ،خانداني، قبائلي، علاقائي ۽ پارٽي مفادن کان بالاتر ٿي ڪري ملڪ جي سلامتي ،بقا ۽ عوام جي گڏيل مفادن جي لاءِ اهڙا ڏکيا ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيڪي عام طور تي انسان ڪرڻ کان پاسو ڪري ٿو.انهن فرمايو ته هر عقل وارو پاڪستاني ۽ ٻچو ٻچو ڄاڻي ٿو ته اڄ هڪ طرف پورو ملڪ سخت طوفاني برساتن جو سامنو ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف جڳھ جڳھ تي سيلابي ريلن جو شڪار به ٿي رهيو آهي،  ڪمزور گهر سيلابي وهڪرن ۾ وهي رهيا آهن،اهڙي طرح ٻئي طرف اهم عمارتون به سيلابي وهڪرن جو نشانو بڻجي رهيون آهن ۽ ٽئين طرف قيمتي انساني جانيون آهن جن ۾ معصوم ٻارن ۽ ٻارڙين جي اڪثريت موت جو شڪار ٿي رهي آهي.انهن فرمايو ته اهڙي خوفناڪ ۽ قدرتي آفت ۾ پوري قوم تمام تر سياسي، نظرياتي ۽ هر قسم جي اختلافن کي هڪ پاسي رکي ڪري هڪ هنڌ گڏ ٿي وڃي ۽ ذاتي مفادن تي گڏيل مفادن کي ترجيح ڏيئي سيلاب زدگان جي مدد ڪري. انهن جي آبادڪاري جو بندوبست ڪري ۽ متاثرن جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ سائنسي طريقا استعمال ڪري گڏيل جدوجهد ڪري.انهن فرمايو ته مان اسلام آباد ۾ آزادي ۽ انقلاب مارچ جي شرڪاء ۽ انهن جي رهنمائن کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي خدا جي واسطي فوري طور تي پنهنجا احتجاجي ڌرڻا عارضي طور تي ملتوي ڪرڻ جا اعلان ڪن.معاملا جتي پهتا آهن انهن کي روڪي ڪري امدادي سرگرمين ۾ مصروف ٿي وڃن ۽ طوفاني برساتون ۽ سيلاب ختم ٿيڻ تي احتجاجي ڌرڻڻ جو اتان ئي ٻيهر آغاز ڪن جتان اهي چڏڻ جو اعلان ڪندا .انهن فرمايو ته هن وقت طوفاني برساتن ۽ سيلابي وهڪرن سان متاثر ٿيندڙ هڪ هڪ ماڻهو الله تعالٰي کان پوءِ مدد جي لاءِ پنهنجي آس پاس ٻين پاڪستانين کي ڳولي رهيو آهي ته ڪوئي اچي ۽ انهن جي مدد ڪري.انهن حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها خيرسگالي جي طور تي گذريل پوين ڏينهن ۾ گرفتار ڪيل ڪارڪنن ۽ رهنمائن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪري  هڪ سٺي اڳڀرائي جو اعلان ڪري.ان کان علاوه انهن حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها پنهنجي تمام تر توجه ٻين معاملن کان هٽائي ڪري سيلاب زدگان جي بحالي ۽ انهن جي تحفظ تي مرڪوز ڪري .جناب الطاف حسين فرمايو ته هڪ هڪ پاڪستاني ان ڳالھ کي به نوٽ ڪري وٺي ته پاڪ فوج ئي اهو ادارو آهي جنهن جا آفيسر ۽ جوان ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ڦيلجي ڪري سيلاب زدگان جي هر ممڪن مدد ڪري رهيا آهن ۽ شهرين جون  جانيون بچائڻ جي لاءِ قربانيون ڏيئي رهيا آهن.انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي سيلاب ۽ طوفاني برساتن جي ڪري هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي مغفرت فرمائي ۽ مرحومن جي سوگوار پونئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته الله تعالٰي پاڪستان کي طوفاني برساتن ۽ سيلاب کان نجات ڏياري ۽ پاڪستان جي مدد فرمائي.آمين.


7/18/2024 1:19:35 AM