Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جي پرورش ڪئي وڃي ها ته ڪجھ هزار ماڻهو ايوان جي سامهون بيهي ڪري جمهوريت کي چيلنج نه ڪن ها.


 Posted on: 9/2/2014 1
جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جي پرورش ڪئي وڃي ها ته ڪجھ هزار ماڻهو ايوان جي سامهون بيهي ڪري جمهوريت کي چيلنج نه ڪن ها.
جيستائين جمهوريت جا فائدا عام پاڪستاني تائين نه پهچندا تيستائين جمهوريت مظبوط ٿي نه ٿي سگهي.پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جو خطاب.
اسلام آباد؛ 2 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جمهوريت جي پرورش ڪئي هجي ها ته ڪجھ هزار ماڻهو ايوان جي سامهون بيهي ڪري جمهوريت کي چيلنج نه ڪن ها، جيستائين جمهوريت جا فائدا عام پاڪستاني تائين نه پهچندا تيستائين جمهوريت مظبوط نه ٿيندي.اسان جمهوري ادارن تي لشڪرڪشي جي مذمت ڪريون ٿا. انهن چيو ته حڪومتي سطح تي طاقت جو استعمال نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ جهڙي طرح اڄ ايوان ۾ پنجاب پوليس کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو الله سائين ڪري اها حڪمت عملي روايت بڻجي وڃي ۽ پوري پاڪستان ۾ ڦيلجي وڃي.انهن چيو ته مون کي ان وقت پريشاني ٿيندي آهي جڏهن مان ڏسندو آهيان ته جن ماڻهن جي مان نمائندگي ڪري رهيو آهيان ته اتان جي ماڻهن جي لاءِ ڪڏهن به رٻڙ جون گوليون استعمال نه ڪيون ويون هميشه فولادي گوليون اسان جي سينن ۾ لاٿيون ويون، ايستائين جو اسان جون امڙيون ۽ ڀينرون قرآن شريف کڻي ڪري نڪتيون ته اهي گوليون قرآن شريف ۾ سوراخ ڪندي انهن جي سينن ۾ لهي ويون.انهن خيالن جو اظهار انهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.انهن چيو ته پاڪستان جا عوام ۽ اهو ايوان حقيقت ۾ اهو سمجهن ٿا ته پاڪستان پنهنجي تاريخ جي انتهائي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي ۽ جمهوريت کي بچائڻ جي ذميواري هن ايوان ۾ ويٺل ماڻهن تي آهي، ان جي ڪري موجوده حالتون صبر و تحمل ۽ قرباني ڏيڻ جو تقاضا ڪن ٿيون.انهن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف هن ايوان جا وڏا آهن اوهان پاڪستان جي جمهوريت جا ڪپتان آهيو انهي جي ڪري جيڪڏهن ڪوئي قرباني جي لاءِ اوهان کان توقع ڪري ٿو ته ان جو مقصد آهي ته اهي اوهان کان وڏي پڻ جو تقاضا ۽ توقع رکن ٿا.انهن چيو ته اسان مذمت ڪريون ٿا ۽ سمجهون ٿا ته جمهوري ادارن تي لشڪر ڪشي ڪنهن طرح به جائز نه آهي، اسان قبضي ڪرڻ جي خلاف آهيون ۽ تشدد جي ذريعي پنهنجي ڳالھ مڃرائڻ جي خلاف آهيون،انهن چيو ته قوم ان جي لاءِ قرباني ڏيڻ جو تقاضا ڪري ٿي ته اسان کي قرباني ڏيڻ کان گريز نه ڪرڻ گهرجي.انهن چيو ته اسان پنهنجي حصي جي قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ان ڳالھ جو اعلان ڪري چڪا آهن ته اسان وٽ قومي اسيمبلي جون جيڪي 25 سيٽون آهن جيڪڏهن انهن جي ذريعي ان بحران جو حل نڪري سگهي ٿو ته اسان قرباني ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهيون.انهن چيو ته جمهوريت جي مظبوطي جا دعوٰي ڪرڻ سان جمهوريت مظبوط نه ٿيندي بلڪه جيستائين جمهوريت کان ڪرپشن ختم نه ٿيندي ۽  شفافيت کي يقيني نه بڻايو ويندو تيستائين جمهوريت مظبوط نه ٿيندي.انهن چيو ته جڏهن به جمهوري حڪومتون آيون آهن ته انهن مڪاني اليڪشن نه ڪرايا آهن ،انهن وزير اعظم کي اپيل ڪئي ته اهي جمهوريت  کي ايترو مظبوط ڪري چڏين جو پاڪستان جا عوام پاڻ اچي ڪري ان جي بقا جي لاءِ اچي بيهجي وڃن.پر جيڪڏهن اسان انهن جمهوري ايوانن کي پنهنجي خانداني دڪان سمجهنداسين ۽ پنهنجي خاندان جي ماڻهن کي ئي ان ايوان ۾ آڻينداسين ته پوءِ ڇا اسان جمهوريت جي خدمت ڪري رهيا آهيون.انهن چيو ته  جڏهن موروثي سياست جو خاتمو ٿيندو ته جمهوريت به انوقت ئي مظبوط ٿيندي.انهن چيو ته پي ٽي وي تي قبضو يا چونڊيل ايوانن تي حملو قابل مذمت آهي پر ان سان گڏ اسان ان ڳالھ جو به اوهان کان به تقاضاڪريون ٿا ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته جيڪي ڪجھ ماڊل ٽائون ۾ ٿيو ، جهڙي طرح امڙين ، ڀينرن ۽ نوجوانن تي گوليون هلايون ويون جيڪڏهن اها سازش آهي ته ان کي بي نقاب ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن اها اوهان جي غلطي آهي ته پوءِ ان کي تسليم ڪيو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو ان سازش ۾ شامل آهن انهن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ جيڪڏهن اسان اهو تقاضا ڪريون ته انهن کي انصاف ملڻ گهرجي ته اها جمهوريت جي خلاف ڳالھ نه هوندي.انهن چيو ته جهڙي طرح هتي ان مشتعل هجوم کي روڪڻ جي لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪئي وئي آهي اها ئي حمڪت عملي پوري پاڪستان ۾ اختيار ڪئي وڃي ۽ اسان کي ٻڌايو وڃي ۽ سمجهايو وڃي ته اسان به ايترائي پاڪستاني آهيون جيترا هن ايوان ۾ ويٺل آهن. انهن چيو ته ايوان جي ٻاهران جيڪي ٻه جماعتون ويٺيون آهن انهن مان  هڪ جماعت وٽ ته پوءِ به ڪوئي ايجنڊو آهي ۽ انهن وٽ سڌارن جي نالي تي ڪجھ نڪتا به آهن ۽ انهن کي ٻڌڻ به گهرجي،۽  انهن مان جيڪي قابل عمل آهن انهن کي اختيار به ڪرڻ گهرجي.پر ٻئي جماعت وٽ ڪجھ سو ماڻهو به نه آهن گذريل رات ان جماعت جي صاحب اها خوشخبري ڏني آهي ته اهي ڪراچي اچي ڪري ڪراچي کي آزاد ڪرائيندا.پر جيڪڏهن ڪاش اهي ان ٽولي کي وٺي وڃي ڪري ڪشمير کي آزاد ڪرائڻ جي ڳالھ ڪن ها ته پوءِ ڳالھ سمجھ ۾ به اچي ها،انهن چيو ته ان صاحب سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪئي ته اسان کي اهو ٻڌايو وڃي ته جيڪڏهن مان اهو اعلان ڪريون ها ته ڇا مون تي آرٽيڪل 6 لاڳو نه ٿئي ها؟۽ پاڪستان جي ميڊيا جا چينل مون کي ڀارتي ايجنٽ قرار ڏيڻ جي سازش نه ڪري رهيا هجن ها.مان ان ليڊر جيڪي ڪراچي کي آزاد ڪرائڻ پيا وڃن پچڻ چاهيان ٿو ته ڪراچي سان جيڪا 60 سالن کان ناانصافي پئي ٿئي ان کان ڪراچي کي آزاد ڪرائڻ پيا وڃن يا انهن جو منصوبو پنهنجن ماڻهن جي ذريعي ڪراچي تي قبضو ڪرڻ ۽ انهن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ يا ان کي غلام بڻائڻ آهي.انهن چيو ته جيڪڏهن اهو چند سو ماڻهن جو ٽولو ڪراچي ڏانهن اک کڻي ڏسندو ته ان جو نتيجو به انهن کي ڀوڳڻو پوندو.


7/18/2024 1:21:00 AM