Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

طوفاني برساتن کي سامهون رکندي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 9/5/2014 1
طوفاني برساتن کي سامهون رکندي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
حق پرست عوامي نمائندا ممڪنه طور تي ٿيندڙ طوفاني برساتن کان نڀرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 5 سيپٽمبر؛2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته طوفاني برساتن کي سامهون رکندي سنڌ ۾ رين ايمرجنسي نافذ ڪئي وڃي، هنگامي بنيادن تي برساتي نالن جي صفائي ڪرائي وڃي ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس بنيادن تي  قدمَ کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پنجاب، آزاد ڪشمير ۽ ملڪ جي ٻين حصن ۾ طوفاني برساتن ۽ سيلاب جي ڪري سخت جاني و مالي نقصان ٿيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت هنگامي بنيادن تي قدرتي آفتن کان نڀرڻ ۽ صوبي جي عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي قدمَ کڻي ته جيئن قدرتي آفتن جي تباھ ڪارين کان نڀري سگهجي.رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت جي طرفان بلدياتي ادارن کي فنڊن جي عدم فراهمي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي طرفان مڪاني ادارن کي فنڊن جي عدم فراهمي جي ڪري ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، نواب شاھ، سانگهڙ ۽ ٽنڊوالهيار سميت تمام شهرن ۽ ڳوٺن ۾ صفائي جي صورتحال ابتر ٿي چڪي آهي، جڳھ جڳھ تي ڪچري جا ڍير آهن ۽ روڊن تي ڪني پاڻي جا ڌبا بڻجي چڪاآهن،جيڪڏهن ان صورتحال ۾ سنڌ ۾ طوفاني برساتن جو سلسلو شروع ٿي ويو ته صفائي و سٿرائي جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، ان جي ڪري سنڌ حڪومت بغير ڪنهن دير ڪرڻ جي صوبي ۾ مڪاني ادارن کي فنڊ جاري ڪري.رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي تمام شهرن جي مڪاني ادارن کي فوري طور تي فنڊن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم جي تمام حق پرست ميمبرن ۽ علاقائي ذميوارن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ صفائي جا انتظام ڪن ۽ طوفاني برساتن کان نڀرڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.


7/18/2024 1:28:15 AM