Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پنجاب ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ملڪيتن جي نقصان تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


 Posted on: 9/5/2014 1
پنجاب ۾ سخت برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ملڪيتن جي نقصان تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ زخمين کي سرڪاري سطح تي بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.جناب الطاف حسين جو وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کان مطالبو.
لنڊن؛ 5 سيپٽمبر؛2014
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنجاب ۾ سخت برساتن ۽ سيلاب جي نتيجي ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ ۽ ڪيترن ئي جي زخمي ٿيڻ ۽ ملڪيتن جي نقصان تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سخت برساتن ۽ چاڙھ جي نتيجي ۾ ايتري وڏي تعداد ۾ هلاڪتون ٿيڻ ملڪي تاريخ جو وڏو افسوسناڪ واقعو آهي جنهن تي منهنجو دل سخت صدمي ۾ ورتل آهي.انهن سڄي ملڪ جي عوام کي چيو ته اهي ان قومي سانحه کي محسوس ڪندي هلاڪ ٿيندڙ تمام ماڻهن جي لاءِ دعائون ڪن. جناب الطاف حسين وفاقي ۽ پنجاب حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اهي سخت برساتن جي ڪري لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد، گجرات، سيالڪوٽ ، ڪامونڪي، ناروال، قصور ۽ ٻين ضلعن ۾ جاري برساتن جي سخت سلسلي جي دوران عوام جي جان و مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدمَ کنيا وڃن ۽ عوام جي ملڪيتن کي پهچندڙ نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ زخمين کي سرڪاري سطح تي بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي برساتن جي نتيجي ۾ مختلف واقعن ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جا درجات بلند فرمائي ۽ زخمين کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.
****

7/18/2024 1:24:40 AM