Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج ڪرپٽ ۽ سڙيل نظام جو حصو بڻجي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 9/3/2014 1
ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج ڪرپٽ ۽ سڙيل نظام جو حصو  بڻجي نه ٿي سگهي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هڪ تماشو، ڏيکاءُ ۽ قوم کي چٻرو بڻائڻ جي لاءِ آهي.
سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايوانن هڪ هفتي ۾ پنهنجي پاڻ کي صحيح نه ڪيو ته ايم ڪيو ايم جا تمام چونڊيل نمائندا اسٽعيفٰي ڏيئي چڏيندا.
ايم ڪيو ايم جا سينيٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبرَ پنهنجا اسٽعيفٰي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت وٽ جمع ڪرائين.جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 3 سيپٽمبر؛2014
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج ڪرپٽ ۽ سڙيل نظام جو حصو بڻجي نه ٿي سگهي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس هڪ تماشو ۽ ڏيکاءُ آهي ۽ قوم کي چٻرو بڻائڻ ، پنهنجين تقريرن جا جوهر ڏيکارڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي حق تي ثابت ڪرڻ جي لاءِ آهي،انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم جا ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ سينيٽرَ پنهنجا اسٽعيفٰي اڄ رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت وٽ جمع ڪرائين،مان هڪ هفتي جو ٽائيم ڏيان ٿو جيڪڏهن سينيٽ ،قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ايوانن پنهنجي پاڻ کي صحيح نه ڪيو ته تمام حق پرست اسيمبلي ميمبر ۽ سينيٽر پنهنجين سيٽن تان اسٽعيفٰي ڏيئي چڏيندا.انهن خيالن جو اظهار انهن هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ گذريل ڪيترن ئي مهينن کان انتهائي ڏکئي صورتحال مان گذري رهيو آهي، وزير اعظم، اسيمبلي ميمبر َ ۽ وزيرن جي چونڊ ان جي لاءِ ٿيندي آهي ته اهي ايوانن ۾شرڪت ڪن، پر جيڪڏهن وزير اعظم ۽ وفاقي وزيرن جي حاضري جو رجسٽر گهرائي ڏٺو وڃي ته 2013 جي اليڪشن کان وٺي اڄ تائين وزير اعظم ۽ وفاقي وزيرَ پاڻي، بجلي ، گيس، معيشت ، صفائي سٿرائي، ماحوليات، ايجوڪيشن، هيلٿ ۽ ٻين اهم مسئلن جي حل جي لاءِ ڪيترا ڀيرا مقدس ايوانن ۾ آيا ۽ ڇا انهن اتي پارليامينٽ جي ميمبرن جي بيان ڪيل عوامي مسئلن کي ٻڌو ۽ ٻڌي ڪري انهن جو حل پيش ڪيو.انهن فرمايو ته اسان وٽ اليڪشن ۽ اسيمبلين جي ميلن تي ڪروڙين نه پر اربين روپيا ڇا ان جي ڪري خرچ ٿين ٿا جو 70 سيڪڙو اهي ماڻهو جن جو بنيادي مسئلن سان ذري برابر نه ته واسطو آهي ۽ نه ئي انهن جي انهن کي ڪا ڄاڻ آهي، اقتدار مافيا جي ايليٽ ڪلاس هڪ وراثت جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي،انهن جي پٽن ۽ نياڻين جون هڪ ٻئي جي گهرن ۾ شاديون ڪيون ويون آهن ۽ انهن هڪ خاندان جي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي،انهن فرمايو ته جيڪڏهن اهي اليڪشن انهن چند خاندانن جي لاءِ ئي ڪرائڻا آهن ته پوءِ اليڪشن ڪميشن کي سوچڻ گهرجي ته اليڪشن جو انعقادڇا صرف ان جي ڪري ضروري آهي جو انهن جي خاندانن جي مافيا جا ماڻهو نسل در نسل اسيمبلين جا ميمبر بڻجندا رهن ۽ پنهنجين جائيدادن ۽ بينڪ بيلنس ۾ اضافو ڪندا رهن.انهن فرمايو ته مان ڌرڻي جي صورتحال ڪيتري ئي عرصي کان ڏسي رهيو آهيان، ٻار، ٻارڙيون شهيد،زخمي ۽ معذور ٿيا آهن، عوام کي هلڻ ڦرڻ ۾ تڪليفون اچي رهيون آهن ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته مسئلي جي حل جي لاءِ ملڪ ۾ نه ته ڪوئي آئين، عدالت ۽ قانون آهي ۽ جمهوريت جي ته ڳالھ ئي توهان ڇڏي ڏيو.انهن فرمايو ته گولين سان مرڻ وارن جو مون کي ڏک ۽ افسوس آهي اسان ان جي لاءِ قرآن خواني ڪرائي ۽ انهن جي رهنمائن سان تعزيت ڪئي، پر جيترو رت ايم ڪيو ايم ڏٺو آهي، جيترو ماورائي عدالت قتل  ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن
جو ڪيو ويو آهي  ڪنهن ٻئي جماعت ۽ ان جي ليڊر نه ڏٺو هوندو.انهن فرمايو ته وائيٽ ڪالر وارا جمهوريت جو راڳ ان جي ڪري ڳائي رهيا آهن ته فوج حڪومت ۾ نه اچي ۽ 5 سالن جي معاهدن جون ڪڪ بيڪس ۽ ڪميشنون انهن کي وصول ٿين ۽ انهن جي اربن ۽ کربن جي جائيدادن ۾ اضافو ٿيندو وڃي. غريب غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ بي روزگاري جي ڪري خود ڪشي ڪري پر ان سان انهن کي ڪوئي به فرق نه ٿو پوي .انهن فرمايو ته مان هڪ مهيني ۾ پوري ڪوشش ڪئي ته حڪومت ۽ ڌرڻا ڏيڻ وارن جي وچ ۾ ڳالھ ٻولھ جي ذريعي مسئلو حل ٿي وڃي، ان دوران قومي اسيمبلي جي فلور تي وزير اعظم ۽ وزير داخله اهو بيان ڏنو ته آرمي چيف جي طرفان اهو پيغام آيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري چاهين ٿا ته فوج مصالحانه ڪردار ادا ڪري جنهن جي انهن ٻنهي رهنمائن ترديد ڪئي.ان کان پوءِ آئي ايس پي آر جو وضاحتي بيان آيو ته مصالحانه ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ وزير اعظم آرمي چيف کي درخواست ڪئي هئي.ان صورتحال سان آرمي جو اميج خراب ٿيو.جناب الطاف حسين فرمايو ته پارليامينٽ جو اهو گڏيل اجلاس هڪ ڍونگ ۽ ڏيکاءُ آهي. انهن فرمايو ته اهڙي قومي اسيمبلي، صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ بي ڪار آهن، جتي صرف زوردار تقريرون ٿين ۽ مسئلن جو حل نه ڪڍيو وڃي.غريب جي بجاءِ پنهنجين پارٽين ۽ مفاد جي ڳالھ ڪئي وڃي ته اهڙين اسيمبلين ۽ سينيٽ ۾ حق پرست ميمبر رهي نه ٿا سگهن.انهن فرمايو ته مان اڄ اهو فيصلو ڪندس ، ڪارڪنن چيو ته فيصلو اڄ ئي ٿي ويندو نه ته بعد۾ ٿيندو، پر مان رابطا ڪميٽي کي هڪ هفتي جو ٽائيم ڏيندس.ان کان پوءِ سينيٽ ۽ اسيمبلين جي ايوانن پنهنجي پاڻ کي صحيح نه ڪيو ته تمام حق پرست سينيٽر ۽ اسيمبلي ميمبر اسٽعيفٰي ڏيئي چڏيندا.انهن ايم ڪيو ايم جي سينيٽرن ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجا اسٽعيفٰي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر نصرت وٽ جمع ڪرائي چڏين، انهن ڪارڪنن کي فرمايو ته اهي حالتن کان گهبرائين نه .


7/18/2024 1:26:04 AM