اڄ ملتوي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جو جنرل ورڪرز اجلاس هاڻي 4 سيپٽمبر بروز خميس تي شام جو 6 وڳي نائن زيرو تي لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو.
اجلاس ملتوي ٿيڻ جي ڪري ڪارڪنن کي پهچندڙ تڪليف تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان معذرت جو اظهار.
لنڊن؛ 3 سيپٽمبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جو جنرل ورڪرز اجلاس جيڪو اڄ ٿيڻو هو اهو اجلاس اڻ ڄاتل سببن جي ڪري ملتوي ڪيو ويو آهي ۽ هاڻي اهو جنرل ورڪرز اجلاس 4 سيپٽمبر بروز خميس تي نائن زيرو لعل قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو،جناب الطاف حسين فرمايو ته جنرل ورڪرز اجلاس ۾ مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال سان گڏو گڏ تنظيمي صورتحال تي به انتهائي اهم ڳالهيون ڪرڻيون آهن. انهن ڪارڪنن کي فرمايو ته اڄ اجلاس ملتوي ٿيڻ جي ڪري اوهان کي جيڪا تڪليف پهتي آهي ان تي مان اوهان کان معذرت ڪريان ٿو.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي ذميوارن کي چيو ته اهي نائن زيرو تي تمام شعبن ۾ اي آر وائي نيوز چينل جون نشريات به بحال ڪرائي چڏين.
*****