Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلابي وهڪرن کي سامهون رکندي خدمت خلق فائونڊيشن پنهنجين امدادي سرگرمين جو آغاز ڪري چڏيو.


 Posted on: 9/5/2014 1
سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلابي وهڪرن کي سامهون رکندي خدمت خلق فائونڊيشن پنهنجين امدادي سرگرمين جو آغاز ڪري چڏيو.
جناب الطاف حسين جي هدايت تي پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف زونن ۾ امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مخير حضرات ۽ صاحب حيثيت ماڻهن کي کاڌي پيتي جون شيون جمع ڪرائڻ جي اپيل.
ڪراچي؛ 5 سيپٽمبر؛2014
            سڄي ملڪ ۾ سخت برساتن ۽ سيلابي صورتحال کي سامهون رکندي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي فلاحي اداري ڪي ڪي ايف جي طرفان امدادي سرگرمين جو هنگامي بنيادن تي آغاز ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ ڪي ڪي ايف جي تحت سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۽ زونن ۾ امدادي ڪيمپ قائم ڪيا ويا آهن.رابطا ڪميٽي ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ جي مخير حضرات ۽ صاحب حيثيت ماڻهن کي دردمندانه اپيل ڪئي ته اهي ڪي ڪي ايف جي امدادي ڪيمپن ۾ پنهنجن هم وطنن جي مدد جي لاءِ کاڌي پيتي جون شيون، سکل کير، پيئڻ جو صاف پاڻي، ٻارن جون شيون، دوائون،روڪ رقم ۽ ٻيون ضروري شيون جمع ڪرائين.


7/18/2024 1:25:03 AM