ايم ڪيو ايم شعبه خواتين جي طرفان امن جو نوبل انعام حاصل ڪرڻ تي ملاله يوسف زئي کي زبردست خراج تحسين پيش.
ڪراچي؛11 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي شعبه خواتين ملاله يوسف زئي کي امن جو نوبل انعام ملڻ تي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملاله يوسف زئي کي علم جي روشني ڦيلائڻ جي سزا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.اها ڳالھ شعبه خواتين پنهنجي هڪ اجلاس ۾ چئي.شعبه خواتين چيو ته جناب الطاف حسين هميشه تعليم جي حصول تي زور ڏنو آهي ۽ خصوصي طور تي عورتن کي تعليم جي زيور سان آراسته ٿيڻ جي تلقين آهي، انهي جي ڪري اهي ملڪ کان ٻٺي تعليمي نظام جي خاتمي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.انهن وڌيڪ چيو ته اسان کي ڪامل يقين آهي ته ملاله يوسف زئي کي ملندڙ امن جو ايوارڊ سڄي دنيا ۾ انهن عورتن جي لاءِ حوصلا افزا ثابت ٿيندو جن کي طاقت جي زور تي تعليم جو پيغام ڦيلائڻ کان روڪيو پيو وڃي.