جناب الطاف حسين غريب عوام کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن ۾ موڪلي موروثي نظام جي خلاف بنياد وڌي. رابطا ڪميٽي ميمبر اشفاق منگي.
ملير ۾ مراد ميمڻ ڳوٺ، ڪڇي مسلم سنگهار ۽ ٻين علائقن جي دوري جي موقعي تي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛11 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر اشفاق منگي ملير ۾ خاصخيلي پاڙي مراد ميمڻ ڳوٺ، مهراڻ ٽائون ۾ ڪڇي مسلم سنگهار ۽ کوکرا پار ڊي 1 ايريا ۾ قائم ڪڇي مسلم سومرا جماعت خانه جو دورو ڪري اتي معززن سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا. ان موقعي تي ڪي ايم او سي انچارج فرخ اعظم ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي اشفاق منگي ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته جناب الطاف حسين سڄي ملڪ جي غريب ۽ وچولي طبقي جي تعليم يافته ماڻهن کي ملڪ جي ايوانن ۾ موڪلي انهن کي ٻه سيڪڙو مراعات يافته جاگيردارن جي ڀر ۾ ويهاريو ۽ موروثي نظام جي خلاف بنياد وڌي.انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اسيمبلي ميمبرن کي سياست برائي خدمت جو درس ڏيئي ڪري عوام ۾ موڪليو ويو آهي ته جيئن اهي سياست کي پنهنجو اولين فرض سمهجي ڪري عوام جي خدمت ڪن. ان کان پوءِ انهن ڪي ايم او سي اولڊ ملير سيڪٽر جي جوائنٽ انچارج مولابخش چنه جي گهر واري جي جنازي نماز ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪئي ۽ انهن سان تعزيت به ڪئي.