Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

منهنجي فلاسفي “رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم” هڪ اهڙو پيمانو ۽ فڪري اوزار آهي جنهن تي هر نظريي ۽ منشور کي پرکي سگهجي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/12/2014
منهنجي فلاسفي “رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم” هڪ اهڙو پيمانو ۽ فڪري اوزار آهي جنهن تي هر نظريي ۽ منشور کي پرکي سگهجي ٿو. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
رئيل ازم جو مطلب حقيقت پسندي ۽ پريڪٽيڪل ازم جو مطلب عمليت پسندي آهي.
عوام جي مسئلن، نظام جي خرابين ۽ معاشري جي بيمارين کي تسليم ڪرڻ رئيل ازم آهي ۽ انهن مسئلن جي حل، خرابين کي دور ڪرڻ ۽ معاشري جي بيمارين جو علاج ڪرڻ پريڪٽيڪل ازم آهي.
جناب الطاف حسين جو رابطا ڪميٽي ۽ مخلتف شعبن کي رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم جي موضوع تي ليڪچر.
لنڊن؛12 آڪٽوبر 2014
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته منهنجي فلاسفي ”رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم ” هڪ اهڙو پيمانو ۽ فڪري اوزار آهي جنهن تي هر نظريي ۽ منشور کي پرکي سگهجي ٿو. اها فلاسفي صرف نظام جي خرابين ۽ معاشري جي بيمارين جي تشخيص ئي نه ٿي ڪري بلڪه ان جي علاج جي لاءِ عملي ڪوششون به تجويز ڪري ٿي.رئيل ازم يعني حقيقت پسندي ۽
پريڪٽيڪل ازم يعني عمليت پسندي فقط هڪ فلاسفي نه بلڪه هڪ اهڙو ٿرماميٽر آهي جنهن سان ڪنهن به نظام ۽ معاشري جي هر بيماري ۽ خرابي جي تشخيص ۽ علاج ڪري سگهجي ٿو. انهن اها ڳالھ پاڪستان ۽ لنڊن جي رابطا ڪميٽي ۽ مختلف شعبن کي رئيل ازم ۽ پريڪٽيڪل ازم جي موضوع تي ڏنل هڪ ليڪچر ۾ فرمائي.جناب الطاف حسين فرمايو ته رئيل ازم جو مطلب حقيقت پسندي ۽ پريڪٽيڪل ازم جو مطلب عمليت پسندي آهي. عوام جي مسئلن، نظام جي خرابين ۽ معاشري جي بيمارين کي تسليم ڪرڻ رئيل ازم آهي جڏهن ته انهن مسئلن جي حل، خرابين کي دور ڪرڻ ۽ معاشري جي بيمارين جو علاج ڪرڻ پريڪٽيڪل ازم آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ملڪ جي نظام جي خرابين، معاشري جي ناهموارين، ڪمزورين ۽ خامين جو اڪثر ذڪر ڪريون ٿا. اسان اڪثر چئون ٿا ته معاشري ۾ غريب ماڻهو کي عزت جي زندگي گذارڻ جو حق حاصل نه آهي،معاشري ۾ ڪرپشن مٿي کان هيٺائين تائين آهي، معاشري ۾ ڪوئي به ديانتداري ۽ ايمانداري سان پنهنجن فرضن کي پورو نه ٿو ڪري، ڪوڙ سماج  جي ضرورت بڻجي چڪو آهي، سماج  ڌوڪي بازي، وعدي خلافي، بي ايماني، ٺڳي ۽ بدعنواني ڏانهن تيزي سان وڌي رهيو آهي. اسان انهن تمام مسئلن ۽ خرابين جو ذڪر ته ڪريون ٿا پر انهن جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد نه ٿا ڪريون. اسان ملڪ جي نظام جي خرابين، غريبن جي ڏتڙيل حالت، مسئلن ۽ ڏکيائين ۽ سماج ۾ پکڙيل انتشار جي باري ۾ ته اڪثر ڳالھ ڪريون ٿا پر انهن خرابين کي دور ڪرڻ ، مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ معاشري کي لڳل بيمارين جي علاج  جي لاءِ ڪوششون نه ٿا ڪريون. رئيل ازم اهو آهي ته مرض جي حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ۽ پريڪٽيڪل ازم جو تقاضا اهو آهي ته ان مرض جو علاج ڪيو وڃي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جيڪڏهن اسان ڪوئي ڪنو فروٽ کائون ٿا  ته ان جو ذائقو خراب لڳي ٿو، جنهن سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته اهو فروٽ ڪنو آهي. ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ رئيل ازم يعني حقيقت پسندي آهي ۽ پريڪٽيڪل ازم يعني عمليت پسندي جو تقاضا آهي ته ان ڪني فروٽ کي کائڻ جي بجاءِ اڇلائي ڇڏجي ڇو ته ڪني فروٽ کي کائڻ سان جسم کي بيماري لڳي سگهي ٿي. اهڙي طرح فرسوده جاگيرداراڻه نظام جيڪو هڪ ڪنو، سڙيل  ۽ بدبودار نظام آهي ۽ اسان جو معاشرو چئني طرفن کان گندگي وارو آهي ۽ اسان ان گندگي واري معاشري ۾ ساھ به کڻي رهيا آهيون. فرسوده نظام جو ڪنو فروٽ به کائي رهيا آهيون، اسان ان کي کائڻ ڇڏي به نه رهيا آهيون ۽ اسان کي برو به نه لڳي رهيو آهي.پريڪٽيڪل ازم جو تقاضا آهي ته جيڪا شي صحت جي لاءِ خراب آهي ان کي اڇلائي ڇڏجي. جيڪا شي معاشري جي لاءِ خراب آهي ان کي ڇڏي ڇڏجي.انهن فرمايو ته پريڪٽيڪل ازم کان سواءِ رئيل ازم بي معنٰي آهي. يعني جيڪڏهن اوهان ڪنهن حقيقت کي تسليم ته ڪريو پر اها حقيقت جنهن عمل جو تقاضا ڪري ٿي اها اوهان نه ٿا ڪريو ته اهڙي حقيقت پسندي بي معنٰي آهي. انهن فرمايو ته رئيل ازم اهو آهي فرسوده جاگيرداراڻه نظام ۽ اختيارن جو مرڪز ملڪ جا مسئلا، غريب عوام جي ڏتڙيل حالت ۽ معاشري جي اجتماعي بيماريون ان جو سبب آهي ۽ پريڪٽيڪل ازم جو تقاضا آهي ته ان فرسوده نظام کي پاڙ کان پٽي ڦٽي ڪيو وڃي، اهڙي صورت ۾ ئي ملڪ ۽ معاشري جو علاج ٿي سگهي ٿو

7/17/2024 8:41:00 PM