سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اڪرم شيخ جي گهر واري جي وفات تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
لنڊن؛11 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سپريم ڪورٽ جي سينيئر وڪيل اڪرم شيخ جي گهر واري جي وفات تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن َ ڏک جي ان گهڙي ۾ اڪرم شيخ سميت تمام سوگوار پونئرن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين اڪرم شيخ سميت مرحومه جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي مرحومه کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ تمام سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.