ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي شعبه اطلاعات جي ميمبر قمر منصور کي انهن جي سابقه ذميواري تي بحال ڪري ڇڏيو آهي.ايم ڪيو ايم جو اعلان.
ڪراچي؛9 آڪٽوبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر قمر منصور کي انهن جي سابقه ذميواري تي بحال ڪري ڇڏيو آهي. اهي هاڻي ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات جي ميمبر جي حيثيت سان پنهنجي ذميواري ادا ڪندا. رابطا ڪميٽي شعبه اطلاعات جي ميمبر قمر منصور جي بحالي جو فيصلو هڪ اجلاس ۾ ڪيو جنهن جي توثيق قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ڪري ڇڏي آهي.