ايم ڪيو ايم خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف جي جماعت اسلامي خيبرپختونخواھ جي امير پروفيسر ابراهيم سان ملاقات.
بيرسٽر محمد علي سيف پروفيسر ابراهيم کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خيرسگالي جو پيغام پهچايو.
پشاور؛ 13 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي خيبرپختونخواھ ۽ فاٽا جي صدر بيرسٽر محمد علي سيف جماعت اسلامي خيبرپختونخواھ جي امير پروفيسر ابراهيم ۽ ٻين ذميوارن سان پشاور ۾ ملاقات ڪئي ۽ انهن کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان خيرسگالي جو پيغام به پهچايو . سومر جي ڏينهن جماعت اسلامي جي صوبائي آفيس ۾ ٿيندڙ ملاقات انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي جنهن ۾ جماعت اسلامي جو صوبائي جنرل سيڪريٽري شميم احمد خان ۽ ٻيا به موجود هئا.ان موقعي تي جماعت اسلامي جي رهنمائن ايم ڪيو ايم جي طرفان بيرسٽر محمد علي سيف کي ڪي پي ڪي ۽ فاٽا جو صدر بڻجڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ڪي پي ڪي جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي جي لاءِ گڏجي ڪري ڪم ڪرڻ تي اتفاق به ڪيو.