Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ موروثي سياست کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بنياد وڌي. رابطا ڪميٽي ميمبر و صدر پنجاب ميان عتيق.


 Posted on: 10/12/2014
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ موروثي سياست کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بنياد وڌي. رابطا ڪميٽي ميمبر و صدر پنجاب ميان عتيق.
لاهور؛12 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر و صدر ميان عتيق چيو آهي ته قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ موروثي سياست کان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ايم ڪيو ايم جي بنياد وڌي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي نظريي ملڪ جي مظلوم عوام ۾ انقلاب جي سوچ کي جنم ڏنو. انهن خيالن جو اظهار انهن جناب الطاف حسين جي طرفان ايم ڪيو ايم پنجاب هائوس لاهور ۾ منعقد ٿيندڙ دعوت حليم جي شرڪاء کي خطاب ڪندي  ڪيو. ان دعوت حليم ۾ سينٽرل پنجاب جي صدر عامر بلوچ ۽ ٻين ذميوارن کان علاوه ڪارڪنن ۽ عوام جي وڏي تعداد موجوده هئي. ان موقعي تي ميان عتيق چيو ته پاڪستان خصوصن پنجاب ۾ ايم ڪيو ايم جي وڌندڙ مقبوليت ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته پاڪستاني عوام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي فڪر و فلسفي کي پسند ڪن ٿا ۽ هر قرباني ڏيڻ جي لاءِ به تيار آهن. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جنهن ۾ ڪوئي به جاگيردر يا وڏيرو شامل نه آهي بلڪه ان ۾ تمام مڊل ڪلاس ۽ غريب طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شامل آهن. انهن چيو ته صرف ايم ڪيو ايم ئي اها واحد جماعت آهي جيڪا قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي قيادت ۾ هن ملڪ ۾ انقلاب آڻيندي.

7/17/2024 8:34:41 PM