Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان لياقت آباد جي ڪارڪن فيصل خورشيد جي گرفتاري جي مذمت


 Posted on: 10/12/2014
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان لياقت آباد جي ڪارڪن فيصل خورشيد جي گرفتاري جي مذمت.
ڪراچي؛12 آڪٽوبر 2014
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اڄ صبح عصر جي وقت لياقت آباد کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن فيصل خورشيد جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر جي وڏي نفري فيصل خورشيد کي انهن جي گهر کان گرفتار ڪرڻ کان پوءِ اڻ ڄاتل هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو ۽ هن مهل تائين انهن جي گهر وارن کي ان جي ڪائي به ڄاڻ فراهم نه ڪئي وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته فيصل خورشيد ساھ جي بيماري ۾ به مبتلا آهن جنهن جي ڪري انهن جي گهر وارا انهن جي زندگي جي باري ۾ سخت پريشان آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ۽ وزير اعلٰي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته اهي فيصل خورشيد جي گرفتاري جو نوٽس وٺن ۽ انهن جي رهائي جي لاءِ قدمَ کڻڻ.

7/17/2024 8:29:57 PM