جيئي سنڌ قومي محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ڀاءُ محمد مٺل ڪالاڻي جي وفات تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان تعزيت جو اظهار.
ڪراچي؛ 14 آڪٽوبر2014
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جيئي سنڌ قومي محاذ جي وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي ننڍي ڀاءُ محمد مٺل ڪالاڻي جي روڊ حادثي ۾ هلاڪت تي وڏي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي مرحوم جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي. رابطا ڪميٽي دعا ڪئي ته الله تعالٰي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.