Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


 Posted on: 10/9/2014
 ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪت تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛9 آڪٽوبر2014
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي عيدالاضحٰي جي موقعي تي شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪچي شراب واپرائڻ جي نتيجي ۾ 29 ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته عيد جي موقعي تي ڪيترن ئي ماڻهن جون هلاڪتون لاڳاپيل ادارن جي ڪارڪردگي تي هڪ وڏو سواليه نشان آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪچي شراب وڪڻڻ وارا قيمتي انساني زندگين سان کيڏي رهيا آهن پر ان جي باوجود شهر ۾ ڪچي شراب جا اڏا پنهنجين جڳهن تي نه صرف موجود آهن بلڪه ماڻهن ۾ موت به ورهائي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته لاڳاپيل ادارن پنهنجيون اکيون بند ڪري رکيون آهن ۽ ڪچي شراب جي روڪٿام جي لاءِ ڪي به خاطر خواھ قدم نه کڻي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي صحت ۽ زندگي جو خيال رکن ۽ ڪچي شراب سميت ٻين صحت جي لاءِ نقصان ڪار شين کان مڪمل طور تي پرهيز ڪن. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پوئين عيدالافطر تي به سمنڊ ۾ ٻڏي ڪري ڪيترا ئي ماڻهو هلاڪ ٿي ويا هئا پر پوءِ به حڪومت کي ڪوئي به هوش نه آيو جو اهڙن واقعن جو نوٽس وٺي ها. رابطا ڪميٽي گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي ان واقعي جو نوٽس وٺن ۽ ڪچي شراب وڪڻڻ وارن جي خلاف سخت ترين ڪاروائي ڪئي وڃي.
 

7/17/2024 8:37:28 PM