Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن، جڏهن ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ڊاڪٽر فاروق ستار.


 Posted on: 10/13/2014
 تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن، جڏهن ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.ڊاڪٽر فاروق ستار.
ڌمڪين جي باري ۾ اختيار ۽ اقتدار رکندڙ ڌرين کي آگاھ ڪرڻ کي اڄ هڪ مهينو ٿي چڪو آهي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن طرفان ڪوئي به نوٽس نه ورتو ويو.
خطن ۾ لکيل آهي ته سيڪيورٽي ايجنسي جي مدد وٺڻ جي سزا موت آهي، نائن زيرو سميت اوهان جي گهرن کي کنڊرن ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ اوهان جا خاندان ۽ مٽن مائٽ سڀ هٽ لسٽ تي آهن.
خدا خير ڪري جيڪڏهن سڀاڻي ڪجھ ٿئي ٿو ته ان جي ۽ عوامي اشتعال جي ذميواري اسان تي عائد نه ٿيندي.
نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي سان گڏجي ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛13 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن ۽ جڏهن ته رابطا ڪميٽي جي ميمبرن۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل ٽيليفونن، خطن ۽ ايس ايم ايس جي ذريعي  ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ۽ چيو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم طالبان جي حوالي سان پنهنجا سياسي نظريات ڇڏي ڏيئي ۽ ان کان باز اچي وڃي. انهن چيو ته نائن زيرو تي حملي جي تازه ترين ڌمڪي 15 سيپٽمبر تي موصول ٿي ۽ ان ڌمڪي سميت اسان تمام ڌمڪي وارن خطن جي تفصيلات کان وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن کي آگاھ ڪري ڇڏيو آهي، اسان انهن ڌمڪين کي عوامي سطح تي ظاهر نه ڪيو ڇو ته اسان مناسب سمجهيو ته اهي سڀئي معلومات پاڪستان جي اعلٰي اختيارين ۽ حڪام تائين پهچائي ڇڏيون.ان مان اسان اها توقع رکي ته شايد اسان سان رابطو ڪيو ويندو،پر اڄ تائين وفاقي ۽ صوبائي حڪومت مان ڪنهن به رابطو نه ڪيو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ پرهجوم پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر بابر خان غوري، ڪنورنويد جميل ۽ رشيد گوڏيل به موجود هئا.ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح جي تشڪيل نو جو جيڪو ٺيڪو توهان کنيو آهي تحريڪ طالبان پاڪستان جو چوڻ آهي ته توهان پنهنجي ان ارادي کي ڇڏي ڏيو ڇو ته اهي پاڪستان کي دهشت گرد ۽ انتها پسند رياست بڻائڻ چاهين ٿا. انهن سوال ڪيو ته جيڪڏهن ڪوئي طاقت جي زور تي پنهنجي مرضي مسلط ڪرڻ چاهي ته ڇا ان کي اهو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ڌمڪي آميز خطن ۾ چيو ويو آهي ته اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته اوهان باز اچي وڃو ۽ طالبان جي خلاف پنهنجي نظرياتي پرچار کي ڇڏي ڏيو. اسان طالبان مجاهدن جون فيمليون پوري ملڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر ، ڪوئيٽا، لاهور، پشاور ۽ پنڊي ۾ تنگ دستي ۽ فاقه ڪشي جي عالم ۾ آهن. اوهان کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته انهن جي ماڻهن جي مالي مدد بلڪل اهڙي طرح ئي ڪئي وڃي.جهڙي طرح آئي ڊي پيز ۽ مستحق ماڻهن جي ڪئي پئي وڃي. اهي ڌمڪيون تحريڪ طالبان پاڪستان جي طرفان رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، بابر غوري، رشيد گوڏيل ۽ ٻين کي مليون آهن. انهن چيو ته ڌمڪي آميز خطن ۽ ايس ايم ايس جي تفصيلات کان اسان پاڪستان جي اعلٰي حڪام کي آگاھ ڪيو آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي ڌمڪي آميز خطن جون ڪاپيون منسلڪ ڪري خطَ لکيا، جڏهن ته وزير اعظم پاڪستان جي نالي اسان 18 سيپٽمبر تي خط لکيو جنهن ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڌمڪي آميز خط جون ڪاپيون به منسلڪ ڪيون . انهن ڌمڪي آميز خطن ۽ پيغامن ۾ ايم ڪيو ايم کان 5 کان 25 لک ڀتي جو به مطالبو ڪيو ويو آهي ته اهي پيسا فوري طور تي اسان جي ذميوارن جن جا موبائيل نمبر به خط ۾ لکيل آهن انهن کي ڏيئي ڇڏيو، جيڪي طالبان جي فيملين، القائده ۽ ازبڪ جي طعام ۽ قيام جو بندوبست ڪري رهيا آهن، انهن کي هڪ هفتي جي اندر اندر اها رقم پهچائي ڇڏيو نه ته اوهان جي گهر وارن، اوهان کي ۽ اوهان جي ٻئي اهلخانه کي جهنم رسيد ڪيو ويندو.انهن چيو ته خطن ۽ پيغامن ۾ واضع چيو ويو آهي ته سيڪيورٽي ايجنسي جي مدد وٺڻ جي سزا موت آهي. نائن زيرو سميت اوهان جا گهر کنڊر بڻجي ويندا ۽ اوهان جا خاندان ۽ مٽ مائٽ سڀ هٽ لسٽ تي آهن. انهن چيو ته جيڪڏهن خدانخواسته انهن ڌمڪين تي عمل ٿئي ٿو ۽ جهڙي طرح جي اسان جي سيڪيورٽي جي صورتحال آهي، جيڪي حفاظتي انتظام آهن اهي قطعي طور تي غيرتسلي بخش آهن ۽ ان تي به اسان ڪيترائي ڀيرا وفاقي وزير داخله چوڌري نثار علي خان،وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ ٻين انتظامي عهديدارن کي خط ارسال ڪيا آهن ۽ انهن جي توجه پنهنجي طرف مبذول ڪرائي آهي. انهن چيو ته نائن زيرو جي سيڪيورٽي انتهائي ناقص ۽ ڪمزور آهي، اسان جو ذاتي سيڪيورٽي جو انتظام ضرور آهي پر ان سلسلي ۾ ارباب اختيار، اعلٰي عملدارن ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ گهرجي.انهن چيو ته ڌرڻڻ کان پوءِ پاڪستان جلسن جي سياست ڏانهن وڃي پيو انهن جلسن جي انعقاد جي حوالي سان به سيڪيورٽي جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ جڏهن جلسن جي سيڪيورٽي جون ڳالهيون اچي رهيون آهن ته ايم ڪيو ايم ڪيترائي ڀيرا عوامي سطح تي اها ڳالھ ڪئي آهي ۽ ماڻهن کي اعتماد ۾ ورتو آهي ته پوءِ خدا نه ڪري جيڪڏهن سڀاڻي ڪجھ ٿي وڃي ٿو ته ان جي ذميواري اسان تي نه اچڻ گهرجي. ڪوئي حملو ۽ دهشت گردي جو واقعو ٿئي ٿو ۽ ان ۾ نقصان ٿئي ٿو ۽ ان جي رد عمل ۾ عوامي اشتعال ٿئي ٿو ته ان جي ذميواري به اسان جي نه آهي. اسان بروقت ڌمڪين کان مسلسل آگاھ ڪيو.اڄ به ڪري رهيا آهيون، اهي جيڪي خطرا ۽
ڌمڪيون آهن اهي صرف ڪراچي جي حد تائين محدود نه آهن قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي لنڊن ۾ به مسلسل اهي ڌمڪيون موصول ٿيون آهن ۽ خطن ۾ طالبان اهو به باور ڪرايو ويو آهي ته اسان جا ماڻهو اتي به موجود آهن. انهن چيو ته طالبان جي ڌمڪين کي اسان عوام جي ڪورٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، عوام پنهنجو فيڊ بيڪ ڏين . انهن چيو ته جيڪو ڪجھ باقي بچيل امن آهي، روزانه جا جيڪي معمولات آهن ، ماڻهو ڪمن تي وڃي رهيا آهن، الله سائين نه  ڪري جو ڪوئي سانحو ٿئي ٿو ته ان کان پوءِ ڇا صورتحال ٿيندي ان تي اسان جي ڪائي به گارنٽي نه هوندي. انهن چيو ته اها ڳالھ به ڪنهن کان لڪيل نه آهي ته اسان جي ٽن چونڊيل نمائندن ساجد قريشي، منظر امام ۽ رضا حيدر کي شهيد ڪيو ويو ۽ ڪراچي جي طالبانائزيشن تي جيترو قائد تحريڪ جهڙي طرح ارباب اختيار ۽ حڪومتن کي ڌوڏيو آهي اهو به ڪنهن کان لڪيل نه آهي.ڪراچي ۾ فرقي وارانه هم آهنگي کي سبوتاڙ ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن مختلف مڪاتب فڪر سان تعلق رکڻ وارن وڪيلن ۽ ڊاڪٽرن کي قتل وڃي ٿو. اهو جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اها ڊي اسيبلائيزيشن ڪئي پئي وڃي. ان سان ڪنهن جو نقصان ۽ ڪنهن جو فائدو ٿيندو ان کي سجيدگي سان وٺڻ جي ضرورت آهي. انهن چيو ته اڄ اسان اهو ضروري سمجهيو ته جڏهن اسان عوامي موبلائزيشن ۽ جلسن ڏانهن وڃي رهيا آهيون. يا ڪائي رابطا مهم هلايون ٿا ته ضروري آهي ته ماڻهن جي سيڪيورٽي جي متعلق جيڪي خدشات آهن ان تي اعلٰي حڪام ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي به آگاھ ڪريون ۽ پنهنجي ذميواري پوري ڪريون. انهن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته تخريب ڪار ماڻهن جي خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ انهن کي پاڙ کان پٽي ڪري ڦٽي ڪيو وڃي.عارضي انتظام انهن جو حل نه آهي . انهن چيو ته سڀني کان وڏي ڳڻتي جي ڳالھ اها آهي ته هڪ مهينو گذري ويو، حڪومت ۽ قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن اسان سان رابطو نه ڪيو آهي، جڏهن ته اسان آگاھ به ڪيو. گهٽ ۾ گهٽ اسان کي اهو ته ٻڌايو وڃي ته اهي ڪهڙن ماڻهن جا نمبر آهن ۽ اها ٽپال ڪٿان آئي آهي ڇو ته اهي سڀ پوسٽ جي ذريعي آيا آهن. اها تمام ڄاڻ ڏيڻ کان پوءِ به حڪومت غفلت ۽ ننڍ جا مزا وٺي رهي آهي ته حڪومت پاڻ پنهنجي لاءِ کڏ کوٽي رهي آهي.

7/17/2024 8:19:02 PM