Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ ۾ زلزلي جي ممڪنه خطرن کي سامهون رکندي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي مظبوط ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


 Posted on: 10/11/2014
اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ ۾ زلزلي جي ممڪنه خطرن کي سامهون رکندي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي مظبوط ڪيو وڃي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ان سلسلي ۾ قدمَ کڻن.ڪي ڪي ايف جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ  ڪميٽي جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛11 آڪٽوبر 2014
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ ۾ زلزلن جي ممڪنه خطرن کي سامهون رکندي  وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي مظبوط ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ قدمَ کنيا وڃن. انهن اها ڳالھ ڪي ڪي ايف جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڪميٽي جي ميمبرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي ڪي ڪي ايف جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڪميٽي جناب الطاف حسين کي پاڪستان جي صوبي خيبرپختونخواھ ۽ اتر وارن علائقن ۾ مختلف وقتن تي ايندڙ ننڍي پيماني جي زلزلن جي جهٽڪن جي روشني ۾ ماهرين ارضيات، ماهرين فلڪيات ۽ ٻين ماهرن جي طرفان تيار ڪيل رپورٽن ۽ پيشنگوئين جو حوالو ڏيندي  ٻڌايو ته پاڪستان جي اتر وارن علائقن ۽ خيبرپختونخواھ جي مخلتف علائقن ۾ لڳاتار ايندڙ زلزلن جا جهٽڪا ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته اهي علائقا زلزلي جي زد ۾ آهن. جناب الطاف حسين انهن رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مختلف وقتن ۾ انهن علائقن ۾ ننڍي پيماني تي ايندڙ زلزلن جا جهٽڪا انهن اطلاعن جي تصديق به ڪن ٿا، ان جي ڪري ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته وفاقي حڪومت نيشنل ڊيزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي کي جديد خطوط تي استوار ڪري ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪنهن به قدرتي آفت کان نڀرڻ جي لاءِ تمام ضروري قدمَ کڻڻ. جناب الطاف حسين ان سلسلي ۾ ڪي ڪي ايف جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ ڪميٽي جي محنت کي ساراهيو ۽ انهن کي ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون به ڏيون. انهن آڪٽوبر 2005 ۾ آزاد ڪشمير ۽ خيبرپختونخواھ ۾ ايندڙ زلزلي جي موقعي تي ڪي ڪي ايف جي فلاحي سرگرمين کي به ساراهيو . انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي پاڪستان کي هر قسم جي آفت کان محفوظ رکي. آمين

7/17/2024 8:38:12 PM