Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه سوچ ختم ڪرڻ کان سواءِ دهشت گردي ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو ناممڪن آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


 Posted on: 10/12/2014
ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه سوچ ختم ڪرڻ کان سواءِ دهشت گردي ۽ ٻين مسئلن جو خاتمو ناممڪن آهي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
جناب الطاف حسين جي ويزن تي عمل ڪندي غريب عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا.بيرسٽر و ڊاڪٽر فروغ نسيم.
حق پرست سينيٽر بيرسٽر ۽ ڊاڪٽر فروغ نسيم جي طرفان وڪلاء برادري جي اعزاز ۾ ڏنل عشائيي کي خطاب.
ڪراچي؛ 12 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ڊپٽي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان کي اڄ چئني طرفن کان اندرين ۽ ٻاهرين مسئلن جو سامنو آهي ۽ انهن مسئلن جو حل ان وقت تائين ڪڍي نه ٿو سگهجي جيستائين حقيقي طور تي عوام کي بااختيار بڻائي ڪري انهن کي پنهنجن مسئلن جي حل ڪرڻ جو اختيار نه ٿو ڏنو وڃي. اڄ ملڪ ۾ آئين ۽ قانون مفلوج آهي جنهن جو سڀني کان وڏو نقصان هارين ۽ مزدورن کي ٿي رهيو آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن حق پرست سينيٽر بيرسٽر و ڊاڪٽر فروغ نسيم جي طرفان وڪلاء برادري جي اعزاز ۾ ڏنل عشائيي کي خطاب ڪندي ڪيو، جيڪو ڊي سي آر سي جي مرڪزي آفيس ۾ منعقد ڪيو ويو هو.ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ، بابر خان غوري، ڪنور نويد جميل، گلفراز خان خٽڪ، صوبائي وزير رئوف صديقي، جسٽس رٽائرڊ منيب احمد خان، جسٽس رٽائرڊ قاضي خالد، سابق نائب صدر سنڌ هائي ڪورٽ بار عبدالجبار قريشي ۽ ٻين کان علاوه وڪلاء برادري ۽ معززن جي وڏي تعداد موجود هئي. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته ملڪ ۾ 67 سالن کان عوام ان آزادي جي تلاش ۾ آهي جنهن جي لاءِ انهن 20 لک جانين جو نذرانو پيش ڪيو هو پر اڄ جاگيردارن، وڏيرن، سرمائيدارن ۽ خانداني سياست ڪرڻ وارن جو راڄ آهي جنهن جي ڪري ملڪ جون اسيمبليون به خانداني دڪانون لڳن ٿيون ۽ ايوانن ۾ ظالمن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٿو .انهن چيو ته اڄ مختلف سياسي جماعتون جلسن ۾ غريبن ۽ محرومن کي حقَ ڏيڻ ۽ پنهنجي جماعت مان غريب ڪارڪنن کي ملڪ جي ايوانن ۾ آڻڻ جون ڳالهيون ڪندي نظر اچن ٿيون پر جناب الطاف حسين سياست جي آغاز کان ئي وٺي ڪري ڪارڪنن کي ملڪ جي اعلٰي ايوانن جي زينت بڻايو ۽ عوام جي وچان غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي جاگيردارن جي ڀر ۾ ويهاري انقلاب برپا ڪري ڇڏيو هو. اڄ دهشت گردي ملڪ جو وڏو مسئلو آهي پر جناب الطاف حسين ملڪ ۾ دهشت گردي جي آغاز کان اڳ ئي ان جي خلاف آواز بلند ڪئي هئي پر ان تي مذاق اڏايو ويو ۽ اڄ ملڪ کي ان دهشت گردي جي نتيجي ۾ بيشمار معصوم شهرين، فوجي جوانن ۽ جرنلن جو نقصان کڻڻو پيو آهي.انهن چيو ته جيستائين ملڪ کان جاگيرداراڻه ۽ وڏيراڻه سوچ جو خاتمو نه ٿيندو ان وقت تائين ملڪ کان دهشت گردي سميت ٻين مسئلن جو خاتمو ناممڪن آهي.عشائيي کي بيرسٽر فروغ نسيم خطاب ڪندي وڪلاء برادري جي آمد تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته اڄ تمام وڪيلن کي هتي جمع ڪرڻ جو مقصد وڪلاء برادري کي گڏ ڪرڻ آهي ته جيئن اهي بهتر انداز ۾ متحرڪ ٿي ڪري  ملڪ جي غريبن ۽ مظلومن کي انهن جي درن تائين انصاف فراهم ڪري سگهن. انهن چيو ته انصاف جي فراهمي اسان جو فرض آهي، اڄ هن تقريب جو مقصد اهو آهي ته ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ۽ ٻيا وڪيل جناب الطاف حسين جي ويزن تي عمل ڪندي ڪوششون ڪن ته پنهنجي طرفان غريب عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ ڪائي به ڪسر نه ڇڏين.انهن چيو ته اڄ جيڪڏهن مان سينيٽر آهيان ۽ پنهنجي قوم جي لاءِ ذري برابر به ڪردار ادا ڪري رهيو آهيان ته ان ۾ منهنجي قابليت نه بلڪه جناب الطاف حسين جو مون تي ڀروسو آهي نه ته ملڪ جي ايوانن جو اهو حال آهي ته هن کي جاگيردارن ۽ وڏيرن جي ميراث سمجهيو وڃي ٿو ۽ اليڪشن ۾ سيٽن کي ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ڪيو وڃي ٿو.ان موقعي تي رئوف صديقي به خطاب ڪيو
 


7/17/2024 8:22:08 PM