Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ديوالي کان اڳ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارن سرڪاري ملازمن کي فوري طور تي پگهارون ادا ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 Posted on: 10/12/2014
ديوالي کان اڳ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارن سرڪاري ملازمن کي فوري طور تي پگهارون ادا ڪيون وڃن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛12 آڪٽوبر2014
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته هندن جي مذهبي ڏڻ ديوالي کان اڳ هندو برادري سان تعلق رکڻ وارن سرڪاري ملازمن کي پگهارون ادا ڪيون وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هندو برادري جو مذهبي ڏڻ 23 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو، پر هندو برادري جي ملازمن کي هن مهل تائين پگهارن نه مليون آهن. جنهن جي ڪري انهن ۾ وڏي بي چيني پاتي وڃي ٿي. رابطا ڪميٽي چيو ته مذهبي ڏڻ ڪنهن به مذهب جي مڃڻ وارن جي لاءِ خاص اهميت رکندو آهي جنهن تي هر شخص پنهنجي مذهب جي مطابق عبادت ڪري ٿو ۽ پنهنجن مٽن مائٽن سان گڏ خوشيون ملهائي ٿو. رابطا ڪميٽي چيو ته هندو ملازمن کي پگهارن جو نه ملڻ ديوالي جي ڏڻ جي خوشين کان محروم ڪرڻ جي برابر آهي ۽ سنڌ حڪومت کي پاڪستان ۾ وسندڙ هندو برادري سميت تمام اقليتن جي حقن جي لاءِ پنهنجو آئيني ، قانوني ۽ مذهبي ڪردار لازمي ادا ڪرڻ گهرجي. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته پگهارن جي عدم ادائگي جي ڪري ڪنهن به ڏڻ جون خوشيون ڦڪيون پئجي وڃن ٿيون. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته هندو برادري کي ديوالي جي ڏڻ کان اڳ پگهارن جي نه ملڻ جو سختي سان نوٽس ورتو وڃي ۽ هندو برادري کي فوري طور تي پهگارون جاري ڪرڻ جا حڪمَ جاري ڪيا وڃن ته جيئن هندو برادري پنهنجو مذهبي ڏڻ چڱي نموني سان ملهائي سگهي.

7/17/2024 8:25:32 PM