Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/25/2015
الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ڪنهن ملعون جي طرفان گستاخانه خاڪن ٺاهڻ سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان مبارڪ ۾ ذري برابر به فرق نه ٿو پوي.
انا پرستي جي شڪار ماڻهو جي سڃاڻ اها آهي ته اهو ٻين کي ته درس ڏيندو پر پاڻ  ان تي عمل نه ڪندو.
نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي هڪ وڏي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 25 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الله تعالٰي پنهنجي پياري محبوب حضرت محمد مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي ذڪر پاڪ کي بلند ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن جي ذڪر پاڪ کي الله تعالٰي بلند ڪري ڇڏي ته دنيا جي ڪائي به طاقت انهن جي مرتبي کي گهٽ ڪري نه ٿي سگهي.اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي هڪ وڏي اجتماع  کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ الله تعالٰي فرمايو آهي ترجمو؛ اي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم اسان توهان جو ذڪر بلند ڪري ڇڏيو آهي. الله تعالٰي ان جا ملائڪ، جن ۽ انسان، وڻ ٽڻ، ٻوٽا، جانور، پکي بلڪه ڪائنات جي هر شي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي درود و سلام موڪلي ٿي ان جي ڪري ڪنهن ملعون جي طرفان گستاخانه 
خاڪن جي ٺاهڻ سان نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي شان مبارڪ ۾ ذري برابر به فرق نه ٿو پوي، ڇو ته جنهن مقدس هستي پاڪ جو ذڪر الله سائين بلند ڪري ڇڏيو هجي دنيا جي ڪائي به طاقت انهن جي مرتبي کي گهٽ ڪري نه ٿي سگهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ڪري ئي الله تعالٰي ڪائنات کي پيدا ڪيو. الله تعالٰي جي وحدانيت تي يقين رکڻ وارا جيستائين ختم نبوت تي يقين نه رکندا ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم سان محبت نه ڪندا ان وقت تائين انهن جو ايمان مڪمل نه ٿيندو.انهن فرمايو ته صرف لا الٰه الا الله چوڻ سان الله سائين خوش نه ٿيندو بلڪه جيستائين محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم نه چيو ويندو. الله تعالٰي قرآن پاڪ جي سوره فاتحه ۾ پنهنجي لاءِ  فرمائي ٿو ته سڀ تعريفون الله تعالٰي جي لاءِ آهن جيڪو سمورن جهانن جو پالڻهار آهي، اهڙي طرح الله تعالٰي مسلمان، ۽ ڪافر سميت  هر جاندار ۽ بي جان جو به رب آهي اهڙي طرح نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي به الله تعالٰي سڀني جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو آهي. بحيثيت مسلمان جڏهن اسان سڀني جو ايمان آهي ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي جهانن جي لاءِ رحمت بڻائي ڪري موڪليو ويو آهي ته پوءِ اسان کي هڪ ٻئي سان جهيڙو ڪرڻ جي بجاءِ هڪ ٻئي جو احترام ڪرڻ گهرجي.مذهب، مسلڪ،عقيدي يا ٻئي ڪنهن به بنياد تي هڪ ٻئي سان وڙهڻ نه گهرجي.انهن فرمايو ته پاڻ کان وڌيڪ دولت مندن تي نظر وجهڻ جي بجاءِ انهن تي نظر وجهو جيڪي توهان کان وڌيڪ غريب آهن ۽ تنگدستي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن. ائين ڪري اوهان پاڻ کي ساڙ، حسد ۽ لالچ کان پري رکندو ۽ مشڪلاتن جي باوجود الله تعالٰي جو شڪر ادا ڪندو.انهن فرمايو ته اناپرستي شيطاني صفت آهي ان جي ڪري جيڪڏهن اوهان پنهنجي اصلاح ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان پنهنجي انا کي فنا ڪري ڇڏيو. انهن ايم ڪيو ايم جي سمورن ذميوارن، ڪارڪنن ۽ همدردن تي زور ڏنو ته اهي استادن، والدين، بزرگن ۽ عورتن جو احترام ڪن، پاڙيسرين سان سٺو ورتاءُ ڪن، مسڪينن ۽ ڪمزورن جي مدد ڪن ۽ هر هڪ سان سٺي اخلاق سان ملن. انهن فرمايو ته انا پرستي جي شڪار ماڻهو جي سڃاڻ اها آهي ته اهو ٻين کي ته درس ڏيندو پر پاڻ ان تي عمل نه ڪندو.اهڙن ماڻهن جي معافي سان به ڪوئي فرق نه ٿو پوي ڇو ته الهن تعالٰي تڪبر ڪرڻ وارن کي پسند نه ٿو ڪري. جناب الطاف حسين محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم ۾ شرڪت ڪرڻ تي سمورن عالمن سڳورن، بزرگن، ذاڪرن، ثناء خوان حضرات ۽ ٻين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن  جي صحت و تندرستي جي لاءِ دعائون به ڪيون.

6/30/2024 11:15:16 AM