Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪشمور ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.


ڪشمور ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
 Posted on: 1/21/2015
ڪشمور ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 21 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ڪشمور ۾ ڪراچي کان پشاور ويندڙ ڪوچ ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي هلاڪ ۽ زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن کي صبر جي تلقين ڪئي ۽ فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ زخمي ٿيندڙن کي جلد و مڪمل صحتيابي عطا فرمائي.آمين.جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته روڊ حادثا روز جو معمول بڻجي چڪا آهن جنهن جي ڪري ڪيترائي ماڻهو هلاڪ ۽ زخمي ٿي وڃن ٿا، پر انهن حادثن جي روڪٿام جي لاءِ حڪومتي سطح تي ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته روڊ حادثن جي روڪٿام جي لاءِ ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ ٺوس بنيادن تي قدم کنيا وڃن.

7/17/2024 11:47:26 PM