Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اورنگي ٽائون ۾ مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


اورنگي ٽائون ۾ مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 1/22/2015
اورنگي ٽائون ۾ مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 22 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي اورنگي ٽائون مهاجر چوڪ تي دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد شهيد جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي دهشت گردن ۽ قانون ٽوڙيندڙ پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو ويو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته هن مهيني ۾ ئي شهيد ٿيندڙ ڪارڪنن جي تعداد 13 ٿي وئي آهي پر سنڌ حڪومت شهر ۾ بدامني، قتل و غارتگري، ڀتا خوري ۽ دهشت گردن جون سرگرميون روڪڻ جي بجاءِ ابتڙ انهن جو تحفظ ڪري رهي آهي.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته محمد عابد جي شهادت ان ڳالھ جو ثبوت آهي سنڌ ۾ مارشل لا جو مطالبو جائز آهي. ڇو ته سنڌ حڪومت شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.رابطا ڪميٽي محمد عابد شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته محمد عابد شهيد جي قتل ۾ ملوث دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ عوام کي سنڌ حڪومت جي بدترين جمهوريت کان نجات ڏياري وڃي.

6/30/2024 11:21:36 AM