Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/23/2015
ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن، ڀتا خورن ۽ گينگ وار جي ڏوهارين شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر انهن جي خلاف قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي مڪمل طور تي زيرو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 23 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته هن مهيني ۾ ايم ڪيو ايم جا 13 ڪارڪن دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ ماورائي عدالت قتل جا واقعا به شامل آهن. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ٽارگيٽ ڪلر، ڀتا خور ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪيو پيو وڃي ، ان چيو ته پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن، ڀتا خورن ۽ گينگ وار جي دهشت گردن شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي پر انهن جي خلاف قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي ڪارڪردگي زيرو آهي. پر افسوس آهي جو ڪارڪنن جي قتل ۾ ملوث هڪ به دهشت گرد کي قانون جي گرفت ۾ نه ورتو ويو آهي.جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي ڀتا خور، ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪرڻ ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪرمنلائزيشن پاليسي جو آهي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جي هڪ سازش به آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪڏهن اهو سلسلو جاري رهيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي وڃي ۽ اهي ايم ڪيو ايم جي صبر جي اپيلن تي به ڪن ڌرڻ ڇڏي ڏين.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته اهي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتاري کان پوءِ ڀتا خور، ٽارگيٽ ڪلر ۽ ڏوهاري بڻائي ڪري پيش ڪرڻ ۾ ملوث قانون نافذ ڪرڻ وارن ادارن جي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي خلاف ڪاروائي ڪن ۽ چاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.

6/30/2024 11:24:38 AM