Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/22/2015
سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سڄي ملڪ جي عوام کي آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان واضع طور تي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي ملڪ جو انتظام سنڀالي وٺن.
فرانس ۾ گستاخانه خاڪن جي اشاعت قابل مذمت آهي ان جي سزا الله سائين ڏيندو.
راولپنڊي ۾ ذميوارن، ڪارڪنن ۽ عورتن جي فڪري نشست کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 22 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته بين الاقوامي منصوبي جي تحت سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي باھ ڀڙڪائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو عمل انهي سازش جو حصو آهي. انهن حالتن ۾ پاڪستان سان محبت ڪرڻ واري هر شهري کي متحد ٿي ڪري دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان واضع طور تي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي ملڪ جو انتظام سنڀالي وٺن. اها ڳالھ انهن راولپنڊي ضلع جي ذميوارن، ڪارڪنن ۽ عورتن جي فڪري نشست کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم پنجاب جو صدر ميان عتيق به موجود هو. جناب الطاف حسين “ ايثار و قرباني ۽ احساس ذميواري” جي موضوع تي پنهنجي خطاب ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ ملڪ کي پيش آيل چيلنجن تي به خيالن جو اظهار ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته فرانس ۾ گستاخانه خاڪن جي 
اشاعت قابل مذمت آهي. فرانس مسلمان ملڪ نه آهي پر فرانس سميت سمورن ملڪن کي ٻين مذهبن جي ماڻهن جي جذبات جو احساس ڪرڻ گهرجي ۽ ڪنهن به مذهب جي مقدس هستين جو مذاق نه اڏائڻ گهرجي. انهن فرمايو ته پاڪستان ۾ گستاخانه خاڪن جي اشاعت تي مذهبي جماعتون جلسا ڪري رهيون آهن جڏهن ته پاڪستان ۾ طالبان دهشت گردن آرمي پبلڪ اسڪول ۾ 150 ٻارن کي شهيد ڪري وڌو، ڪيترن ئي ٻارن کي ذبح ڪيو ويو، ڪامره ايئربيس، نيول ايئربيس، جي ايڇ ڪيو هيڊڪوارٽر، سي آئي اي، ايف آئي جي عمارت، آئي ايس آئي جي آفيس، ڪراچي ايئرپورٽ، مسجدن، امام بارگاهن، اسڪولن ۽ بازارن تي حملا ڪري هزارين بي گناھ شهرين ۽ فوجين کي شهيد ۽ زخمي ڪيو ويو. پر انهن مذهبي جماعتن جي طرفان طالبان جي دهشت گردي  جي خلاف ڪوئي به احتجاجي مظاهرو نه ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسلام آباد جي لال جي مولوي جي خلاف ايف آئي آر درج آهي پر ان کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي. پابندي وڌل تنظيمون نالا تبديل ڪري ڪم ڪري رهيون آهن ۽ انهن جماعتن جا رهنما کلي عام جلسن ۾ تقريرون ڪري رهيا آهن پر انهن جي خلاف ڪائي به قانوني ڪاروائي نه ٿي ڪئي وڃي.جناب الطاف حسين فرمايو ته بين الاقوامي منصوبي جي تحت سائوٿ ايشيا ۾ ڀارت جو قبضو قائم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ۽ پاڪستان ۾ مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي باھ ڀڙڪائي ڪري پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جو عمل انهي سازش جو حصو آهي. انهن فرمايو ته انهن حالتن ۾ پاڪستان سان محبت ڪرڻ واري هر شهري کي متحد ٿي ڪري دهشت گردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف کان واضع طور تي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته اهي ملڪ جو انتظام سنڀالي وٺن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان کان فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام جو خاتمو چاهي ٿي، ايم ڪيو ايم چاهي ٿي ته ملڪ کان چند مخصوص خاندانن جي قبضي ۽ موروثيت جو خاتمو ٿئي ۽ ملڪ تي غريب ۽ وچولي طبقي جي تعليم يافته، باصلاحيت ۽ ايماندار ماڻهن جي حڪومت قائم ٿئي. ان جي ڪري غريب ۽ وچولي طبقي جي ماڻهن کي ايثار و قرباني جي جذبي تحت ۽ پنهنجي ذميواري جو احساس ڪندي پنهنجا پنهنجا فرض ادا ڪرڻا پوندا.جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم جي تمام ذميوارن ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي ايثار و قرباني جي تحت ۽ احساس ذميواري سان پنهنجا تنظيمي فرض ادا ڪن. پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ حق پرستانه پيغام جي فروغ جي لاءِ محنت ۽ لگن سان ڪم ڪن ۽ عوام جي خدمت جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.

6/30/2024 11:25:09 AM