دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون جي ڪارڪن محمد عابد کي اورنگي ٽائون ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ 23 جنوري 2015
دهشت گردن جي فائرنگ سان شهيد ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد کي اورنگي ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر ڪهف الورٰي، حق پرست اسيمبلي ميمبرن ، سيڪٽر ۽ يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.