Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ به بڻجي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ به بڻجي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/23/2015
انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ به بڻجي ٿي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انا پرستي جي سوچ ۽ رويو نه صرف گهرن کي تباھ ڪري ٿو پر ملڪن ۽ قومن جي تباھي ۽ بربادي جو سبب به بڻجي ٿو.
تحريڪ جي ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ته ان ۾ شامل ماڻهو ذاتي انا کي فنا ڪري ڇڏين، ذاتي انا جو خول اجتماعيت جي دائري ۾ اچڻ ۽ پاڻ ۾ متحد ٿيڻ کان روڪي ٿو.
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جو ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ذميوارن کي “انا پرستي” جي موضوع تي ڏنل تفصيلي ليڪچر.
لنڊن؛ 23 جنوري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته انا پرستي شيطاني صفت آهي جيڪا نه صرف ٻن ماڻهن جي ملاپ جي راھ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر قومن جي وچ ۾ اتحاد و ڀائيچاري ۽ نظم و ضبط جي راھ ۾ به رڪاوٽ بڻجي ٿي، انا پرستي ئي ملڪن ۽ قومن جي تباهي ۽ بربادي جو سبب بڻجي ٿي.انهن اها ڳالھ نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي تنظيمي ذميوارن کي انا پرستي جي موضوع تي ڏنل هڪ تفصيلي ليڪچر ۾ فرمائي.ليڪچر ۾ رابطا ڪميٽي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن،شعبن جي ميمبرن، سنڌ جي سمورن زونن ۽ ڪراچي جي سيڪٽر انچارجن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي.پنهنجي تفصيلي ۽ فڪر انگيز ليڪچر ۾ جناب الطاف حسين انا پرستي جي مختلف رخن تي روشني وڌي. ان سان گڏو گڏ انا پرستي جي انساني زندگي ۽ معاشري تي پوندڙ منفي  اثرن ، تحريڪن جي نظم و ضبط ۽ ڪاميابي جي لاءِ انا پرستي جي خاتمي ۽ غور و فڪر جي اهميت تي به تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو. جناب الطاف حسين غور و فڪر جي اهميت تي روشني وجهندي فرمايو ته غور و فڪر ۽ سوچ  ويچار جو عمل ذهن جي ستل گهرڙن کي جاڳائڻ ۽ ان تي لڳل تالن کي کولڻ جي لاءِ چاٻي جو ڪم ڪري ٿو. ڄاڻڻ، تلاش ڪرڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي جستجو انساني فطرت جو حصو آهي. تلاش، جستجو ۽ غور و فڪر جي بدولت ئي انسان ڪائنات ۾ لڪيل شين کي حاصل ڪري ٿو ۽ ترقي پائي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته سرڪار دو عالم صلي الله عليه وسلم تي جيڪا پهرين وحي نازل ٿي اها قرآن پاڪ جي آيت“ اقرا باسم ربڪ الذي خلق” آهي جنهن جو ترجمو“ پڙھ پنهنجي رب جي نالي سان جنهن توڪي پيدا ڪيو آهي” ان آيت جي پهرين لفظ  اقراء جي لغوي معنٰي جيتوڻيڪ پڙھ آهي، پر ان جو مفهوم اهو آهي ته ڄاڻو، سکو ۽ غور و فڪر ڪريو.  اقراء جي ان لفظ ۾ دعوت خداوندي  اها آهي ته ڀلي توهان  جيترو به پڙهيو هجي پر پوءِ به پڙهو ۽ پنهنجي پاڻ کي مڪمل نه سمجهو، علم ۽ سکڻ جي ڪائي به حد نه آهي ۽ جيڪو اهو سمجهي ٿو ته ان جو علم مڪمل ٿي ويو ته پوءِ اهو سمجهي ٿو ته بس مان ئي مان آهيان، ۽ جتي انسان جي سوچ ۾ مان اچي وڃي ته پوءِ اهو انا ۾ مبتلا ٿي وڃي ٿو. ان جي ڪري غور ڪيو وڃي ته پهرين وحي جي پهرين لفظ اقراء جو درس ئي حقيقت ۾ انا کي فنا ڪرڻ  آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ابليس الله تعالٰي جي ويجهو سڀني کان وڌيڪ عبادت گذار هو پر جڏهن الله تعالٰي آدم عليه السلام کي پيدا ڪيو ۽ سمورن ملائڪن ۽ فرشتن کي ان کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ته سمورن ملائڪن ۽ فرشتن حضرت آدم عليه السلام کي سجدو ڪيو  پر ابليس اهو چئي ڪري سجدو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته مان باھ مان ٺهيل آهيان، ان جي ڪري مان مٽي مان ٺهيل پتلي کي سجدو نه ٿو ڪري سگهان. ابليس جو آدم کي سجدي کان انڪارتڪبر ۽ انا پرستي هو. انا پرستي جي ان عمل جي نتيجي ۾ ئي اهي ابليس کان شيطان بڻجي ويا. قيامت تائين خدا جي لعنت ۽ ذلت جو حقدار بڻجي ويا.انهن فرمايو ته انا صرف الله تعالٰي کي زيب ڏيئي ٿي ۽ ڪوئي به انسان يا ان جي مخلوق مان ڪوئي به جيڪڏهن انا ڪندو ته اهو پنهنجي پاڻ کي خدا جي خدائي ۾ شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ جيڪو خدا جي خدائي ۾ پاڻ کي شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو اهو شرڪ جو مرتڪب ٿيندو ۽ شرڪ کان وڌيڪ ڪوئي به گناھ نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته انا ايتري خراب شي آهي جو اها شيطاني فطرت قرار پاتي ۽ شيطانيت ضد آهي رحمانيت جي. ان جي ڪري جتي انا هوندي اتي شيطانيت هوندي ۽ جتي شيطانيت هوندي اتي رحمانيت نه هوندي. ان جي ڪري جيڪو ماڻهو انا جو شڪار ٿيندو اهو شيطانيت جو مرتڪب ٿيندو ۽ جيڪو شيطانيت جو مرتڪب ٿيندو اهو رحمانيت کان پري ٿي ويندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته انا دوستن کي ويجهو اچڻ کان روڪي ٿي ۽ دوستي کي دشمني ۾ بدلي ٿي. انا محبت ۾ فاصلو وڌائي ٿي، محبت کي ختم ڪري ٿي. انا زال ۽ مڙس جي وچ ۾ جدائي ڪري ٿي . انا پرستي نه صرف ماڻهن جي ملاپ ۾ رڪاوٽ بڻجي ٿي پر قومن جي وچ ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي راھ ۾ به رڪاوٽ بڻجي ٿي ، انا پرستي جي سوچ  ۽ رويو نه صرف گهرن کي تباھ ڪري ٿو بلڪه ملڪن ۽ قومن جي تباھي ۽ بربادي جو سبب به بڻجي ٿو.انهن مثال ڏيندي فرمايو ته سابقه اوڀر پاڪستان جي بنگالي عوام جي باري ۾ اولھ پاڪستان جي ماڻهن غرور ۽ انا پرستي ۾ مبتلا ٿي ڪري اهو چيو هو ته بنگالي سنهڙا ۽ چئن ڦٽن جا آهن، اهي وطن جي ڇا حفاظت ڪندا. اسان جا قد 7 ، 8 ڦٽن جا آهن ان جي ڪري پوليس، فوج ۽  تمام فوجي ادارن ۾ صرف اسان جو حق آهي. جڏهن بنگالين پنهنجن حقن جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ته چيو ويو ته اهي سنهڙا چئن ڦٽن جا بنگالي اسان جو ڪجھ به بگاڙي نه ٿا سگهن.ان غرور ۽ انا پرستي ملڪ کي ٽوڙي ڇڏيو ، اهي بنگالي جن کي حقارت جي ڪري ڪمزور ۽ چئن ڦٽن جو چيو ويندو هو اڄ انهن جو ملڪ پاڪستان کان معاشي طور تي مظبوط آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي نظام کي بدلڻ ۽ عوام جي اجتماعي حقن جي حصول جي لاءِ وجود ۾ اچڻ واري تحريڪ يا تنظيم جي مثالي نظم و ضبط ۽ ان جي ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهي ته ان تحريڪ ۾ شامل ماڻهو پنهنجي انا کي فنا ڪري ڇڏين. اهي ذاتي انا جي خول ۾ بند نه ٿين ڇو ته ذاتي انا جو خول انهن کي اجتماعي دائري ۾ اچڻ ۽ پاڻ ۾ متحد ٿيڻ کان روڪي ٿو، انهي جي ڪري مان تحريڪ جي شروعاتي ڏينهن کان ئي ڪارڪنن کي اهو درس ڏنو آهي ته جيڪڏهن اجتماعي بقا چاهيو ٿا ته پوءِ پنهنجي انا کي فنا ڪري ڇڏيو ۽ ذاتي انا کان ٻاهر اچي ڪري تحريڪ جي اجتماعي مشن و مقصد جي حصول جي لاءِ بي لوث ٿي ڪري جدوجهد ڪريو.انهن فرمايو ته انا پرستي ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان اڪثر ڪري اتي گهڻا هوندا آهن جتي وڌيڪ علم هوندو آهي. جتي انسان ڪنهن وڏي مرتبي يا عهدي تي فائز ٿئي ٿو يا جتي انسان وڌيڪ ڪم ڪرڻ وارو هوندو آهي. پر جيڪو انسان وڌيڪ علم رکڻ ۽ ڪنهن وڏي عهدي يا مرتبي تي فائز هجڻ ۽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي باوجود انا پرستي ۽ غرور ۾ مبتلا نه ٿو ٿئي ۽ عاجزي جو مظاهرو ڪري ٿو اهو شيطانيت کان نڪري ڪري رحمانيت جي دائري ۾ اچي وڃي ٿو. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن انسان ڪنهن وڏي مرتبي تي پهچي وڃي ٿو ته اڪثر اهو پنهنجي ماضي ۽ پنهنجي اوقات کي وساري ويهي ٿو ۽ انا پرستي ۾ مبتلا ٿي ڪري ٻين کي گهٽ درجي وارو ۽ حقير سمجهڻ لڳي ٿو ۽ اهو وساري ويهي ٿو ته اهو ماضي ۾ پاڻ ڪهڙي حال ۾ هو. پاڻ کي افضل، برتر ۽ ٻين کي حقير سمجهڻ جي اها سوچ نه صرف ماڻهن ۾ فرق پيدا ڪري ٿي. بلڪه معاشرن ۾ طبقاتي فرق کي به جنم ڏيئي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ ۾ شامل ماڻهن جي وچ ۾ ان قسم جي سوچ پيدا ٿي وڃي ته پوءِ ان تحريڪ ۾ طبقا پيدا ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪا تحريڪ پاڻ  طبقن ۾ ورهائجي وڃي ته پوءِ اها تباھ ٿي وڃي ٿي.جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي ميمبرن سميت تحريڪ جي سمورن ذميوارن، حق پرست سينيٽرن ۽ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن کي تلقين ڪئي ته اڄ اهي جنهن مرتبي تي آهن ۽ جنهن منصب تي فائز آهن ان تي فائز رهندي اهو نه وسارين ته انهن جو ماضي ڇا هو، اهي معاشي طور تي ڪهڙي حال ۾ هئا ۽ تحريڪ جي بدولت اڄ اهي ڪٿي پهچي چڪا آهن.انهن فرمايو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ماضي کي نه ٿا وسارين ۽ انهن جا پير زمين تي رهن ٿا اهي ڪنهن به اعلٰي مقام تي پهچڻ جي باوجود انا پرستي ۽ غرور ۾ مبتلا نه ٿا ٿين. انهن فرمايو ته اسان کي شيطانيت جي دائري مان نڪري ڪري رحمانيت جي دائري ۾ اچڻ جي لاءِ پنهنجي اندر اناپرستي جا شيطاني جيوڙا تلاش ڪري انهن جو خاتمو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي اصلاح جي لاءِ پنهنجي پاڻ کي خود احتسابي جي عمل مان گذارڻ گهرجي.

7/17/2024 11:51:32 PM