Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


 سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/23/2015
 سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ملڪ جي اعلٰي عدالت سميت نيب سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل، سنڌ حڪومت جي بدترين ڪارڪردگي جو پردو ڦاڙي چڏيو آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 23 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ ان جا وزير ڪرپشن، بدعنواني ۽ اقربا پروري جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهن، ملڪ جي اعلٰي عدالت پنهنجن ريمارڪس ۾ اهو چئي چڪي آهي ته سنڌ حڪومت ۾ اهليت نه آهي ته اها صوبو سنڀالي سگهي ان جي  ڪري اها آئيني ترميم ڪري اعتراف ڪري ته اها صوبو  نه ٿي سنڀالي سگهي ۽ اهو چئي ته اها صوبو وفاق جي حوالي ڪري رهي آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته سپريم ڪورٽ کان علاوه نيب سنڌ جا ڊائريڪٽر جنرل سنڌ جي بيڊ گورننس ، ڪاغذن تي موجود اربين روپين جي ڪوڙين اسڪيمن، صوبي جي انتظامي افراسٽڪچر جي تباهي، ترقياتي اسڪيمن جا فنڊ ڪرپشن جي نذر ڪرڻ ۽ بدترين صورتحال جي نشاندهي ڪري چڪا آهن. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته  صوبي ۾ غير معمولي حالتون آهن ۽ غير معمولي حالتن ۾ سنڌ ۾ مارشل لا جي نفاذ جو فيصلو سو سيڪڙو درست  آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته اهو ئي نه پر سنڌ حڪومت 18 هين ترميم جي تحت صوبن کي ملڻ وارن اختيارن جو به ناجائز استعمال ڪري مشيرن  جي ڀرمار ڪئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۽ سنڌ ته اڳ ۾ ئي بدامني ۽ قتل و غارتگري جو شڪار آهن ۽ هاڻي سنڌ اسيمبلي جي معزز ايوان کي به شرجيل ميمڻ ۽ حڪومتي وزيرن پنهنجي جاگير سمجهي ورتو آهي ۽ انهن جي ئي اشارن تي سنڌ اسيمبلي جي ڪاروائي ختم ڪئي وڃي ٿي جنهن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته شرجيل ميمڻ صوجي جا مالڪ بڻيل آهن.رابطا ڪميٽي چيو ته الله سائين جي لٺ بي آواز آهي ۽ انشاء الله تعالٰي سنڌ حڪومت جي ڪرپشن ۽ بدعنواني جو احتساب هڪ ڏينهن ضرور ٿيندو. رابطا ڪميٽي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت وٽ هاڻي بس هڪ ئي رستو آهي ته اها باعزت طريقي سان مستعفي ٿي وڃي.

7/17/2024 11:47:32 PM