Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ڪنهن به دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ڪنهن به دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/25/2015
ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ڪنهن به دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪي اليڪٽرڪ وٽ پنهنجي 1800 ميگاواٽ بجلي جي انسٽالڊ پيداوار آهي ۽ اهو ادارو واپڊا کان 650 ميگاواٽ بجلي به وٺي رهيو آهي.
بريڪ ڊائون جي ڪري ڪراچي جو اونڌھ ۾ ٻڏي وڃڻ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه جي نااهلي ۽ ڪراچي دشمني جو وڏو ثبوت آهي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 25 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي مظفر ڳڙھ ٿرمل پاور پلانٽ ۽ نيشنل گرڊ اسٽيشن جي لائن ٽرپ ڪري وڃڻ جي ڪري ڪراچي سميت ملڪ جي 80 سيڪڙو حصي ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي هن صورتحال ۾ ان قسم جو بريڪ ڊائون ڪنهن به وڏي دهشت گردي جو سبب بڻجي سگهي پيو.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وٽ ڪراچي کي بجلي فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي 1800 ميگاواٽ بجلي جي انسٽالڊ پيداوار آهي ۽ هڪ معاهدي جي تحت ڪي اليڪٽرڪ واپڊا کان 650 ميگاواٽ بجلي به وٺي ٿو جڏهن ته سياري ۾ اها پيداوار صرف 450 ميگاواٽ ڪئي وڃي ٿي.ان کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ مختلف پرائيويٽ ادارن کان به بجلي وٽي ڪري ڪراچي کي ڏيئي ٿو پر گذريل رات واپڊا جي طرفان ڪي اليڪٽرڪ کي ملندڙ 450 ميگاواٽ بجلي جي فراهمي بند ٿيڻ جي ڪري ڪراچي جو مڪمل طور تي اونڌھ ۾ ٻڏي وڃڻ  به 
سمجھ کان ٻاهر آهي ۽ اهو ڪراچي سان کليل تعصب آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي 12 ارب روپيا سالانه سبسڊي به ڏني وڃي ٿي پر ان جي باوجود اهو ادارو ڪراچي جي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ڪوئي به ڪردار ادا نه ڪري رهيو آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته 5 سال اڳ ڪي اليڪٽرڪ ۽ واپڊا جي وچ ۾ ٿيندڙ معاهدي جي تحت ڪي اليڪٽرڪ حڪومت کي يقين ڏياريو هو ته 5 سالن جي اندر ڪي اليڪٽرڪ پاڻ کي ڪراچي کي ان جي ضرورت جي مطابق بجلي فراهم ڪرڻ جي قابل ڪري وٺندو، پر ائين نه ٿيو.رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير پاڻي و بجلي خواجه آصف کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي کي به پاڪستان جو حصو سمجهندي ڪي اليڪٽرڪ جي متعصبانه رويي جو فوري طور تي  نوٽس وٺن ۽ شهر ۾ بجلي جي بحران جو خاتمو ڪرائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ موجود ڪراچي دشمن انتظاميه ۽ آفيسرن جي خلاف ڪاروائي ڪن.

7/17/2024 11:48:15 PM