Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هر عاشق جي سوچ اها آهي ته محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي مقدس گهڙي ۽ رستي ۾ موت اچي وڃي ته اهو سودو تمام سٺو آهي. سينيٽر تنوير الحق ٿانوي.


نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هر عاشق جي سوچ اها آهي ته محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي مقدس گهڙي ۽ رستي ۾ موت اچي وڃي ته اهو سودو تمام سٺو آهي. سينيٽر تنوير الحق ٿانوي.
 Posted on: 1/25/2015
نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي هر عاشق جي سوچ اها آهي ته محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم جي مقدس گهڙي ۽ رستي ۾ موت اچي وڃي ته اهو سودو تمام سٺو آهي. سينيٽر تنوير الحق ٿانوي.
مسلمان جو اعلٰي ٿيڻ لا الٰه الا الله سان نه آهي بلڪه مسلمان جي سڃاڻپ محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم سان آهي. علامه عباس ڪميلي.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم کي خطاب.
ڪراچي؛ 25 جنوري 2015 
مختلف مڪاتب فڪر جي عالمن سڳورن خطاب ڪندي چيو ته توحيد تي صرف مسلمانن جو قبضو نه آهي بلڪه عيسائي ۽ يهودي به توحيد کي مڃن ٿا، مسلمان جو اعلٰي ٿيڻ لا الٰه الا الله سان نه آهي بلڪه مسلمان جي سڃاڻپ محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم سان آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي جناح گرائونڊ ۾ ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام منعقد ٿيندڙ محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم ۾ ڪيو. ان محفل ۾ ممتاز عالمن سڳورن سينيٽر مولانا تنوير الحق ٿانوي، علامه عباس ڪميلي، علامه جميل راٺوڙ، ڊاڪٽر عامر عبدالله، علامه عون محمد نقوي ۽ ٻين سيرت طيبه صلي الله عليه وسلم تي روشني وڌي.ان موقعي تي سينيٽر تنوير الحق ٿانوي چيو ته جنهن مبارڪ محفل ۽ مقدس گهڙين ۾ اڄ اسان هتي گڏ ٿيا آهيون اهو اسان جو ايمان آهي ۽ ان مقدس گهڙي ۾ اسان جو موت اچي وڃي ته اهو سودو تمام سٺو آهي.انهن 
چيو ته اسان جون امڙيون ۽ ڀينرون مسئلن جو شڪار آهن، حقيقت اها ته الله تعالٰي اسان کي مشڪلن ۾ نه وڌو آهي پر اسان پاڻ پاڻ کي پريشانين ۾ وجهي ڇڏيو آهي. علامه عباس ڪميلي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي لاءِ بهترين رول ماڊل نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جي ذات مبارڪ آهي ۽ جڏهن اسان جي لاءِ بهرين نمونو نبي پاڪ الله عليه وسلم جي ذات مبارڪ آهي ته پوءِ اهو ڪهڙو مسلمان آهي جيڪو نبي پاڪ الله عليه وسلم کان منه موڙي ڌڪا کائيندو وتي.انهن چيو ته توحيد تي صرف مسلمانن جو قبضو نه آهي بلڪه عيسائي ۽ يهودي به توحيد کي مڃين ٿا، مسلمان جو اعلٰي ٿيڻ لاالٰه الا الله سان نه آهي بلڪه مسلمان جي سڃاڻپ محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم سان آهي ۽ محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم چوڻ سان ئي مسلمان مسلمان ٿئي ٿو.علامه جميل راٺوڙ چيو ته ان بابرڪت محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم سان يارهين شريف ۽ ٻارهين شريف جو ثواب به ملي رهيو آهي. انهن چيو ته  سڀني جي لاءِ الله تعالٰي فرمايو ته انهن کي قليل علم عطا ڪيو ويو آهي پر نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم کي الله تعالٰي وڏو علم عطا ڪيو. محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم کي علامه عون محمد نقوي، ڊاڪٽر عامر عبدالله محمدي ۽ علامه عزيز بندگي به خطاب ڪيو. آخر ۾ رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور چيو ته عاشقان رسول  صلي الله عليه وسلم محفل ذڪر مصطفٰي صلي الله عليه وسلم ۾ شرڪت ڪري ان جي شان وڌائي ڇڏي آهي. انهن رابطا ڪميٽي جي طرفان عالمن سڳورن ۽ نعت خوان حضرات سميت سمورن شعبن، سيڪٽر و يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جو  شڪريو به ادا ڪيو.

7/17/2024 11:43:28 PM