ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد عابد جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 22 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر يونٽ 118 بي جي ڪارڪن محمد عابد جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته محمد عابد جي وحشياڻي قتل ۾ ملوث وحشي دهشت گردن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا سياسي، قانوني ۽ بنيادي حق ڇڻڻ، انهن کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ ۽ سنڌ حڪومت جي آمراڻه رويي کي فوري طور تي بند ڪرايو وڃي. انهن محمد عابد شهيد جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوارن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.