Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پي پي جي حڪومت ڪراچي شهر جي مڪاني ادارن جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ. متحده لائرز فورم جي زير اهتمام لائرز ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب.


پي پي جي حڪومت ڪراچي شهر جي مڪاني ادارن جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ. متحده لائرز فورم جي زير اهتمام لائرز ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب.
 Posted on: 1/23/2015
پي پي جي حڪومت ڪراچي شهر جي مڪاني ادارن جو حليو بگاڙي ڇڏيو آهي. عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ.
متحده لائرز فورم جي زير اهتمام لائرز ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب.
ڪراچي؛ 23 جنوري 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبرن عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ گلفراز خان خٽڪ چيو آهي ته شهر قائد کي مڪاني ادارن جي سخت ضرورت آهي پر موجوده حڪران نه ٿا چاهين ته مڪاني اليڪشن ٿين،انهن خيالن جو اظهار انهن متحده لائرز فورم جي زير اهتمام نو بهار هوٽل صدر ۾ نئين سال جي سلسلي ۾ لائرز فورم ڊائري جي تقريب رونمائي کي خطاب ڪندي ڪيو.تقريب جي صدارت شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ سابق جسٽس رٽائرڊ سنڌ هائي ڪورٽ قاضي خالد ايڊووڪيٽ ڪئي.ان موقعي تي ڪراچي بار ڪائونسل جو صدر نعيم قريشي ۽ ٻيا به موجود هئا.تقريب کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي چيو ته اسان کي وڪيلن جي مسئلن جو علم آهي جن کي حل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت آهي. انهن چيو ته سٽي ڪورٽ اسان جو پرائمري ادارو آهي اسان ڪنهن به مقام تي پهچي وڃون پر پنهنجي پرائمري اداري کي وساري نه ٿا سگهون.انهن چيو ته وڪيلن جي ٽارگيٽ ڪلنگ جي حوالي سان روزانو شڪايتون ملي رهيون آهن پر اسان ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي به لڳاتار شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ ماروائي عدالت قتل به ڪيو پيو وڃي پر ڪوئي به ٻڌڻ وارو نه آهي.انهن چيو ته اڄ اسان جي رياست خطري ۾ آهي جيڪڏهن رياست ئي نه رهي ته پوءِ ڪهڙي عدالت ۽ ڪهڙو قانون پهرين اسان کي رياست کي بچائڻو آهي ۽ پوءِ قانون جي عملداري کي يقيني بڻائڻو آهي.تقريب کي قاضي خالد ايڊووڪيٽ به خطاب ڪيو.

6/30/2024 11:24:44 AM