Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 1/23/2015
اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ٽيڪسلا جي ويجهو واه ۾ خودڪش حملو ڪندڙ دهشت گرد اسلام آباد جي لال مسجد جو شاگرد هو.
دهشت گردن جي سرپرست مولانا عبدالعزيز کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 23 جنوري 2015 
               متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي چيو آهي ته  اسلام آباد جي لال مسجد خودڪش حمله آورن ۽ دهشت  گردن جو ٺڪاڻو بڻجي چڪي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اهي حقيقتون پوري قوم جي سامهون اچي چڪيون آهن ته اسلام آباد جي لال مسجد ۾ مذهب، فرقي واريت ۽ عقيدي جي بنياد تي نفرتن ۽ قتل و غارتگري کي فروغ ڏنو وڃي ٿو، لال مسجد جي مدرسي جامعه حفصه جون شاگردياڻيون دهشت گردن جي تنظيم داعش سان تعلقات جو اعتراف ڪري چڪيون آهن، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ لال مسجد جي خطيب مولانا عبدالعزيز جي خلاف ايف آئي آر درج ڪيون ويون آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته ميڊيا ۾ شايع ۽ نشر ٿيندڙ خبر جي مطابق ٽيڪسلا جي ويجهو واھ ۾ هڪ پوليس چوڪي جي ويجهو خودڪش ڌماڪو ڪرڻ وارو دهشت گرد اسلام  آباد جي لال مسجد جو 
شاگرد هو جيڪو ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته منافقن جي مسجد مان اسلام جي خلاف سازشون ڪيون پيون وڃن. رابطا ڪميٽي چيو ته جيڪي سياسي و مذهبي جماعتون موجوده دور جي مسجد ضرار جي خلاف ايم ڪيو ايم جي حق پرستانه موقف تي گوڙ ڪري رهيون آهن اهي عوام کي جواب ڏين ته الله تعالٰي جي گهر مسجد ۾ اهڙن دهشت گردن جي سرپرستي جو ڪهڙو جواز آهي جيڪي مسجدن، امام بارگاهن، سول و فوجي تنصيبات ، اسڪولن ۽ بازارن ۾ خودڪش حملا ۽ بم ڌماڪا ڪري بي گناھ شهرين کي رت ۾ وينجهاري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ آئي ايس آئي چيف جنرل رضوان اختر کان مطالبو ڪيو ته لال مسجد کان مذهبي نفرت ۽ فرقي واريت جي بنياد تي دهشت گردين  جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.دهشت گردن جي سرپرست مولانا عبدالعزيز کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.لال مسجد مان اسلام کي بدنام ڪرڻ ۽ پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن جو سلسلو بند ڪرايو وڃي.

7/17/2024 11:54:44 PM