Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل يونٽ انچارج سهيل احمد شهيد جي تدفين سوسائٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.


ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل يونٽ انچارج سهيل احمد شهيد جي تدفين سوسائٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
 Posted on: 1/29/2015

ايم ڪيو ايم جي ماورائي عدالت قتل ڪيل يونٽ انچارج سهيل احمد شهيد جي تدفين سوسائٽي قبرستان ۾ ڪئي وئي.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جي شرڪت.
سهيل احمد شهيد جي قتل جا ذميوار وزير اعلٰي سنڌ ۽ صوبائي حڪومت آهي.سيد حيدر عباس رضوي جي تدفين کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 29 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي يونٽ  64 سوسائٽي جي انچارج  سهيل احمد شهيد جي جنازي نماز انهن جي گهر جي ويجهو روڊ تي ادا ڪئي وئي ۽ انهن کي سوسائٽي جي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنهن ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي انچارج قمر منصور، حيدر عباس رضوي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، عارف خان ايڊووڪيٽ، غازي صلاح الدين، ڪهف الورٰي، اسلم آفريدي ۽ ٻين کان علاوه شهيد جي مٽن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.تدفين کان پوءِ حيدرعباس رضوي ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته شهيد سهيل احمد نيڪ نمازي ۽ پرهيزگار انسان هئا.جن جو ڪنهن به ٿاڻي ۾ڪوئي به ڪرمنل ريڪارڊ نه هو،انهن چيو ته سهيل احمد شهيد کي ساده لباس ۾ ملبوس اهلڪارن 40 ڏينهن تائين حراست ۾ رکي ڪري وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم سهيل احمد شهيد جي قتل جو ذميوار وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ صوبائي حڪومت کي سمجهي ٿي.انهن چيو ته ڪراچي ۾ اهو فيشن بڻجي چڪو آهي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اغوا ڪرڻ کان پوءِ تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ۽ پوءِ انهن جي رهائي جي لاءِ لکين روپيا رشوت طلب ڪيا وڃن ٿا ۽ رشوت جي رقم ملڻ جي باوجود به انهن جو لاشون ويرانن ۾ اڇلايون وڃن ٿيون.انهن چيو ته رياست پاڪستان خصوصن سنڌ حڪومت اسان کي ٻڌائي ته آخر اسان جي ڪارڪنن جو ڏوھ ڪهڙو آهي ۽ ڇا سهيل احمد جو ڏوھ اهو هو ته اهو ايم ڪيو ايم جو يونٽ انچارج هو؟ انهن چيو ته ائين لڳي رهيو آهي ته ڄڻ رياست فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڪراچي جي جنهن به شهري جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هجي ته اهو رياست جي نظر ۾ دهشت گرد آهي، انهن چيو ته اقوام متحده جي چارٽر جي مطابق جنهن صوبي، شهر ۽ علائقي ۾ غير مقامي پوليس جو راج هجي اهو علائقو مقبوضه بڻجي وڃي ٿو ۽ ڪراچي به هاڻي مقبوضه ڪراچي بڻجي چڪو آهي.انهن چيو ته سهيل احمد شهيد جي موبائيل فون جي آخري لوڪيشن انهن جي شهادت کان هڪ رات اڳ 40 ؛10 وڳي پوليس هيڊڪوارٽر گارڊن ويسٽ ڪراچي تي ريکارڊ ڪئي وئي هئي ان جي تحقيقات ٿيڻ گهرجي.انهن چيو ته جناب الطاف حسين ملڪ ۾ ٿيندڙ هر ظلم جي خلاف آواز اٿاري آهي پر اسان تي ٿيندڙ ظلم ڪنهن به پاڪستاني کي نظر نه ٿو اچي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف کي اپيل ڪئي ته پي پي حڪومت پاڻ ته ٻڏندي پر اوهان جي حڪومت کي به ٻوڙي ڇڏيندي ان جي ڪري اوهان اسان تي ٿيندڙ ظلمن جي سلسلي کي روڪرايو ڇو ته ڪراچي جي عوام جي سينن ۾ هڪ طوفان بڻجي چڪو آهي ۽ اسان جا سينا ڦاٽا ته اهو طوفان سڀني ظلمن جو خاتمو ڪري ڇڏيندو. انهن چيو ته اسان پنهنجي مٿان ٿيندڙ ظلم تي اڄ ڏوراپا ڏيئي رهيا آهيون پر جيڪڏهن اهو سلسلو نه رڪيو ته سڀاڻي اسان پوءِ ڏوراپا نه ڏينداسين

7/17/2024 5:59:49 PM