Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سانحه شڪارپور جي شهيدن ۽ زخمين جي گهر وارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور.


سانحه شڪارپور جي شهيدن ۽ زخمين جي گهر وارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور.
 Posted on: 1/31/2015

سانحه شڪارپور جي شهيدن ۽ زخمين جي گهر وارن کي يقين ڏياريون ٿا ته ايم ڪيو ايم انهن سان گڏ آهي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي پاڪستان انچارج قمر منصور.
رٽائرڊ جج تي ٻڌل ڪميشن کي ايم ڪيو ايم رد ڪري ٿي،وزير اعظم ڪراچي آپريشن جي مانيٽرنگ جي لاءِ ڪميٽي ۽ حاضر سروس جج تي ٻڌل هڪ ڪميشن تشڪيل ڏين.قمر منصور.
صحيح معنٰي ۾ جمهوريت هجي ها ته مڪاني حڪومتن جو نظام ۽ ڪميونٽي پوليسنگ سسٽم هن مهل تائين رائج ٿي وڃي ها.ڊاڪٽر فاروق ستار.
سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ قرآن خواني کان پوءِ نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 31 جنوري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان جي انچارج قمر منصور چيو آهي ته ايم ڪيو ايم سانحه شڪارپور جي متاثرن جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي لال قلعه گرائونڊ ۾ سانحه شڪارپور جي شهيدن جي لاءِ ٿيندڙ قرآن خواني کان پوءِ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. قمر منصور چيو ته اسان وٽ ڪراچي جي اهڙن 40 ماڻهن جي فهرست موجود آهي جن کي پوليس خوف زده ڪري لکين روپيا وصول ڪيا ويا آهن. انهن چيو ته سنڌ حڪومت هڪ رٽائر جج تي ٻڌل ڪميشن تشڪيل ڏنو آهي جنهن کي ايم ڪيو ايم رد ڪري ٿي.انهن چيو ته اسان وزير اعظم صاحب سان ملاقات ڪري انهن کي درخواست ڪئي آهي ته اهي ڪراچي آپريشجي مانيٽرنگ جي لاءِ هڪ ڪميٽي ۽ حاضر سروس جج تي ٻڌل هڪ ڪميشن تشڪيل ڏين.انهن چيو ته سنڌ حڪومت جي رويي مان ائين لڳي رهيو آهي ته جيئن ڪراچي ۾ ڪوئي قابل پوليس آفيسر موجود ئي نه آهي ۽ ڪراچي ۾ متعصب ۽ نسل پرست پوليس آفيسرن کي تعينات ڪيو ويو آهي.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته وزير اعلٰي سنڌ جي طرفان صوبي ۾ امن و امان جا دعوٰي کوکلا ۽ کل جهڙي ڳالھ آهي. انهن چيو ته ڪراچي آپريشن جي حمايت ايم ڪيو ايم ڪئي هئي ۽ اڄ به ڪري ٿي پر آپريشن جو رخ اسان ڏانهن موڙيو ويو آهي ۽ اڄ ايم ڪيو ايم ڪراچي جي واحد جماعت آهي جنهن جون ڪراچي ۾ آفيسون بند آهن. ان موقعي تي ڊاڪٽر فاروق ستار ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو اهم شهر آهي ۽ جيڪڏهن دهشت گردي جي خلاف ايم ڪيو ايم ۽ ڪراچي جي ڪردار کي ڪڍيو وڃي ته انهن دهشت گردن جا حوصلا بلند ٿي ويندا ۽ فوج  ان جنگ جو مقابلو اڪيلي سر نه ٿي ڪري سگهي.انهن چيو ته اسان وزير اعظم کي ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم جا 20 ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن ۽ 36 ڪارڪن ماورائي عدالت قتل ڪيا ويا آهن پر هڪ به ڪارڪن جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته رينجر وڏي وقت کان ڪراچي ۾ موجود آهي پر امن و امان جي صورتحال اڳ کان به وڌيڪ خراب آهي ان جي ڪري فوج جي نگراني ۾ آپريشن ڪيو وڃي. انهن چيو ته سڀني سياسي جماعتن جي اتفاق راءِ سان رينجر ۽ پوليس کي موقعو ڏيئي ڪري قائم علي شاھ کي ڪپتان بڻايو ويو آهي.انهن چيو ته صحيح معنٰي ۾ جمهوريت هجي ها ته سولين فورس، مڪاني حڪومتن جو نظام ۽ ڪميونٽي پوليسنگ سسٽم هن مهل تائين رائج ٿي وڃي ها، انهن وڌيڪ چيو ته ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي جيڪڏهن هتي ڪارڪنن ۽ همدردن جو ماورائي عدالت قتل جاري رهيو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.وقت جي ضرورت آهي ته ٺوس ۽ سنجيده قدم کنيا وڃن.ان موقعي تي ڪنور نويد جميل به ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪئي.

7/17/2024 5:58:30 PM