شڪارپور ۾ شهيد ٿيندڙ 28 هن شهيدن جي گڏيل جنازي نماز لکي در شڪارپور ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۽ تدفين ۾ ايم ڪيو ايم جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي شرڪت.
شڪارپور؛ 31 جنوري 2015
متحده قومي موومينٽ جي وفد جناب الطاف حسين جي هدايت تي شڪارپور امام بارگاھ ۾ شهيد ٿيندڙ 28 هن شهيدن جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ سنڌ اسيمبلي جو حق پرست ميمبر،مختلف زونن جا انچارج، ميمبر ۽ ڪارڪن شامل هئا. ان کان پوءِ انهن شهيدن جي تڏن تي وڃي ڪري شهيدن جي پونئرن سان جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ سکر ۽ لاڙڪاڻي جي اسپتالن ۾ وڃي ڪري زخمين جي عيادت ڪئي انهن جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.