Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

الطاف حسين يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


الطاف حسين  يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 1/30/2015

الطاف حسين  يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي ته هر شهر ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو وڃي.
حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 30 جنوري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الطاف حسين يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ڳالهائڻ ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ هوندي.حيدرآباد جو هر شهري ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به زبان يا قوم سان ڇو نه هجي اهو ميرٽ جي بنياد تي داخلا وٺي سگهي ٿو.علم انسانيت جي معراج ۽ قومن جي ترقي  جي چاٻي آهي ان جي ڪري پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ضروري آهي ته هر شهر ۾ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جو ڄار وڇايو وڃي.ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه، وڏيراڻه ۽ بي لغام سرمائيداراڻه نظام جو خاتمو وقت جي اهم ترين ضرورت آهي. جاگيرداراڻه معاشرو، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، جمهوريت، تهذيب ، شائستگي، روشن خيالي ۽ تعليم جي فروغ جي راھ ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هنگامي بنيادن تي ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جو خاتمو ڪيو وڃي ۽ تعليم جي شعبي ۾ سالانه بجيٽ ۾ چئن کان پنج سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. اها ڳالھ انهن حيدرآباد ۾ الطاف حسين يونيورسٽي جي سنگ بنياد رکڻ جي تقريب کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي،ان کان اڳ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد الطاف حسين يونيورسٽي جو سنگ بنياد رکيو. تقريب کي بحريه ٽائون جي سربراھ ملڪ رياض ۽ گورنر سنڌ به خطاب ڪيو. تقريب ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي، حق پرست سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن، ذميوارن، شهر جي معززن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين حيدرآباد جي عوام کي يونيورسٽي جي قيام جي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته حيدرآباد ۾ يونيورسٽي جو قيام منهنجو پراڻو خواب هو،گذريل 55 سالن کان حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام جي اميد رکڻ وارا خبر نه آهي ته ڪيترا هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا پر اڄ انهن جون روحون به تمام گهڻيون خوش ٿي رهيون هونديون. مان يونيورسٽي جي قيام جي لاءِ لڳاتار ڪوششون ڪندو رهيس ۽ گورنر سنڌ کي تلقين ڪندو رهيس ته يونيورسٽي جي قيام تي توجه ڏني وڃي. گورنر سنڌ خلوص نيت سان ڪوششون ڪندا رهيا ۽ الله تعالٰي ملڪ رياض کي فرشتو بڻائي ڪري موڪليو. ملڪ رياض صاحب کي الله تعالٰي جو ڏنل سڀ ڪجھ آهي اهي ان يونيورسٽي جي بجاءِ ڪيسينو يا ڊانس ڪلب به بڻائي سگهن پيا پر جنهن جي دل ۾ غريبن جي خدمت جو درد هجي ان جي دل ۾ شيطاني سوچ جنم ئي نه ٿي وٺي سگهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ رياض نه صرف ان مشن تي رضامندي ظاهر ڪئي بلڪه يونيورسٽي جي لاءِ زمين جو مسئلو آيو ته انهن سابق صدر آصف علي زرداري سان ان جو ذڪر ڪيو جنهن يونيورسٽي جي لاءِ مفت ۾ زمين ڏيڻ جو اعلان ڪيو جنهن تي مان آصف علي زرداري صاحب جو شڪريو ادا ڪريان ٿو. زرداري صاحب کي غور ڪرڻ گهرجي ته جيڪڏهن حيدرآباد يونيورسٽي جي قيام جو اعلان انهن جي دور ۾ ٿي وڃي ها ته ڪيترو سٺو ٿئي ها.انهن يونيورسٽي جي قيام جي سلسلي ۾ تعاون ڪرڻ تي آصف زرداري، ملڪ رياض ۽ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد کي سلام تحسين ۽ خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن فرمايو ته اڄ وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪري هلون ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. پر تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي آهي . انهن 
فرمايو ته ڪجھ ماڻهن جو خيال آهي ته الطاف حسين يونيورسٽي ۾ ٻين قومن جي ماڻهن جي داخلا تي پابندي هوندي. مان واضع لفظن ۾ چوان ٿو ته اها يونيورسٽي صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي لاءِ نه پر هر زبان ۽ هر مذهب سان تعلق رکڻ وارن جي لاءِ آهي. انهن اسلام ۾ علم جي اهميت تي روشني وجهندي فرمايو ته نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم ارشاد پاڪ فرمايو آهي ته مان علم جو شهر آهيان، الله تعالٰي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم تي پهرين وحي اقرا باسم ربڪ الذي خلق نازل فرمائي جنهن جو ترجمو پاڪ آهي ته پڙھ پنهنجي رب سائين جي نالي سان جنهن توکي پيدا ڪيو. يعني جيڪو پاڻ علم جو شهر آهي الله تعالٰي ان کي به وڌيڪ پڙهڻ جي تلقين فرمائي رهيو آهي. ان جو صاف مطلب آهي ته علم جي حصول جي ڪائي به حد نه هوندي آهي، حديث مبارڪ آهي ته علم حاصل ڪريو ته ڀلي توهان کي ان جي لاءِ چين ڇو نه وڃڻو پوي، جڏهن ته ان وقت چين ۾ قرآن پاڪ يا حديث پاڪ جي تعليم نه ڏني ويندي هئي.دين اسلام ۾ ديني علم سان گڏو گڏ دنياوي علم جي حصول تي به زور ڏنو ويو آهي.انهن فرمايو ته جتي علم هوندو اتي تهذيب، شائستگي، بردباري ۽ شعور هوندو.جتي علم هوندو اتي ترقي ۽ ڪاميابي هوندي.قومن جي تعمير و ترقي ۾ علم جي ايتري اهميت آهي جيتري جسم جي لاءِ روح جي آهي. جيڪڏهن ڪنهن جسم مان روح نڪري وڃي ته اهو جسم مرده ٿي ويندو آهي.ان جي ڪري جيڪي قومون علم کان محروم ٿي وڃن ٿيون اهي اونڌھ ۾ ٻڏي وڃن ٿيون. جڏهن ته تعليم حاصل ڪندڙ قومون  ترقي حاصل ڪري سپر پاور بڻجي وڃن ٿيون. انهن فرمايو ته بدقسمتي سان حمڪرانن پاڪستان ۾ علم جي فروغ تي ڪائي به توجه نه ڏني آهي جنهن جي ڪري 67 سال گذرڻ جي باوجود به پاڪستان هڪ فقير وانگر  پيالو کڻي ڪري آمريڪا، برطانيه ۽ اولھ وارن ملڪن کان خيرات گهرندو پيو وتي. انهن وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سالانه هنگامي بنيادن تي تعليم جي بجيٽ ۾ چئن کان پنج سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي. پر اها رقم کائن پيئڻ جي لاءِ نه پر ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ اسڪولن بڻائڻ تي لڳائي وڃي. انهن فرمايو ته جڏهن وزارت تعليم ايم ڪيو ايم وٽ هئي ته اسان سنڌ ۾ 400 کان وڌيڪ اسڪول بڻايا پر بعد ۾ جاگيردارن ۽ وڏيرن انهن اسڪولن کي پنهنجيون اوطاقون ۽ مينهن جا واڙا بڻائي ڇڏيا. انهن فرمايو ته مان ملڪ رياض سان زندگي ۾ ڪڏهن به نه مليو آهيان پر منهنجي ۽ ملڪ رياض جي سوچ هڪ ئي آهي، مان به غريبن جي حالت بدلڻ چاهيان ٿو ۽ ملڪ کي ترقي ڏيارڻ چاهيان ٿو ۽ مون کي يقين آهي ته ملڪ رياض به ملڪ جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪندا ۽ خيرات جو ڪستو ٽوڙيندا. انهن فرمايو ته جيڪڏهن ملڪ رياض جهڙا 10 ، 15 سخي ماڻهو پيدا ٿي ويا ته هن ملڪ کي لنڊن ۽ پيرس بڻجڻ کان ڪوئي به روڪي نه ٿو سگهي.انهن فرمايو ته الله سائين جو لک لک شڪر آهي جو ان ملڪ رياض کي رحمت جو فرشتو بڻائي ڪري موڪليو ۽ منهنجو حيدرآباد يونيورسٽي جو خواب پورو ڪري ڇڏيو.انهن فرمايو ته ملڪ رياض جي طرفان حيدرآباد ۾ دستر خوان سجائڻ ۽ يونيورسٽي ۾ 50 اسڪالر شپ ڏيڻ جي اعلان جو به زبردست خير مقدم ڪيو ۽ انهن کي چيو ته اسڪالر شپ ميرٽ جي بنياد تي ڏيڻ جي لاءِ گورننگ بورڊ بڻايو وڃي. جناب الطاف حسين شڪارپور جي امام بارگاھ ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ ڌماڪي ۾ هلاڪ و زخمي ٿيڻ تي دلي افسوس جو اظهار به ڪيو.جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي اسان سڀني کي علم حاصل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.انهن شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي ناپاس ٿيڻ گوارا ڪري وٺن پر ڪاپي نه ڪن ۽ پڙهي ڪري امتحان  پاس ڪن ۽ پنهنجن استادن جو احترام ڪن ۽ انهن سان بدتميزي نه ڪن ۽ ياد رکن ته جيڪي قومون پنهنجن استادن جو احترام نه ٿيون ڪن علم انهن کان پري هليو وڃي ٿو. انهن فرمايو ته مان اهو ٻڌي ڪري  ڏڪي وڃان ٿو ته شاگردن جو هٿ استادن جي گريبان تائين ٿو پهچي.انهن نوجوانن کي تلقين ڪئي ته اهي پنهنجن والدين، عورتن ۽ بزرگن جو احترام ڪن.

7/17/2024 6:12:27 PM